209

هانگ ڪانگ ۾ ڪورونا وئڪسين لڳرائيندڙن کي 14 لک ڊالر جو فليٽ ملندو

هانگ ڪانگ (ويب ڊيسڪ) دنيا ۾ ڪورونا جي خاتمي لاءِ دلچسپ توڙي مهانگيون آفرون ڪيون پيون وڃن. رپورٽ مطابق هانگ ڪانگ ۾ ڪورونا وئڪسين  لڳرائيندڙن کي 14 لک ڊالر جو فليٽ ملندو، جڏهن ته ايڏي وڏي قيمت جو فليٽ ڪوبه سرڪاري ملازم پنهنجي ڪمائي مان وٺي ناهي سگهندو. ڪورونا ٻيهر ڦهلجڻ جي خوف کان حڪومت لکين ڊالرن جون آفرون ڪرڻ لڳي آهي. هوڏانهن ڪجهه ڪمپنيون پنهنجن ملازمن کي وئڪسين لڳائڻ تي دنيا جي سير تي به موڪلي رهيون آهن، هزارين شهري حڪومتي توڙي ڪمپني جي آفرن مان ڀرپور فائدو کڻڻ لڳا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو