198

مهانگي بجلي هر طرح جي مهانگائي کڻي اچي ٿي، منصوبن تي اڳ ڪم ڪرڻ گهرجي ها: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مهانگي بجلي هر طرح جي مهانگائي کڻي اچي ٿي، منصوبن تي اڳ ڪم ڪرڻ گهرجي ها، ضلعي اپر ڪوهستان ۾ سنڌو درياءَ تي زير تعمير داسو هائيڊرو پراجيڪٽ تي جاري ڪم جو جائزو ورتو، ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته سنڌو درياءَ تي زير تعمير داسو هائيڊرو پراجيڪٽ منصوبي سان سستي۽ صاف بجلي پيدا ٿيندي، ملڪ کي فائدو پهچندو، تربيلا ۽ منگلا ڊيم سان سستي بجلي ملي هئي، 50 سال اڳ صنعتن جي ترقي جي ڪري سستي بجلي هئي، وزيراعظم وڌيڪ چيو ته داسو هائيڊرو پراجيڪٽ سان سستي بجلي ملڻ جي ڪري مهانگائي به اڳيان هلي گهٽ ٿيندي، عوام ۽ صنعتن کي فائدو ٿيندو، جڏهن ته ملڪ تيزي سان اڳيان وڌي پيو، بجلي سستي ٿيڻ سان صنتعڪاري ٿيندي، ان سان دولت ۾ واڌ ٿيندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو