135

ڪي پي ڪي جي 11 کرب کان وڌيڪ بجيٽ پيش، پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ

پشاور (ويب ڊيسڪ) ڪي پي ڪي جي 11 کرب رپين کان وڌيڪ جي بجيٽ پيش ڪئي وئي،  پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي، رپورٽ موجب ڪي پي ڪي اسيمبلي جو بجيٽ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ناڻي واري وزير تيمور سليم جهگڙا بجيٽ پيش ڪئي،  بجيٽ ۾ بندوبستي ضلعن جي لاءِ 919 ارب ۽ ضم ضلعن لاءِ 199 ارب 30 ڪروڙ رکيل آهن، جڏهن ته ترقياتي بجيٽ لاءِ 371 ارب مختص ڪيا ويا ۽ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 10-10 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته خصوصي مراعتون نه وٺندڙ ملازمن جي پگهارن ۾ 37 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، بيواهن جي پينشن ۾ 100 سيڪڙو واڌ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح پورهيتن جي اجرت گهٽ ۾ گهٽ 21 هزار رپيا ۽ سالياني ترقي پروگرام جي لاءِ 3 ارب رپين کان وڌيڪ جي رقم رکيل آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو