ليکڪ: نور سنڌي
رانديون صحت مند معاشري لاءِ انتھائي ضروري آھن، سنڌ ۾ راندين کي زور وٺرائڻ لاءِ راندين واري وزارت به موجود آھي پر سنڌ ۾ راندين وارو کاتو به ٻين سرڪاري کاتن وانگر غير فعال آھي، ھن کاتي جي ڪا نمايان ڪارگردگي نظر نٿي اچي، دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ راندين جي واڌاري واري وزارت راندين جي واڌاري لاءِ ھر طرح سان ڪوششون ڪندي آھي مختلف راندين جي رانديگرن جي ھر طرح سان مدد ۽ سرپرستي ڪندي آھي، عالمي راندين سان گڏ ديسي راندين کي به وڏي اھميت ڏني ويندي آھي، اسان وٽ راندين وارو کاتو جيڪو شھرن ۾ ته ٿورو گھڻو راندين کي زور وٺرائڻ لاءِ ڪوششون ڪري ٿو پر ننڍن شھرن ۽ ڳوٺاڻي آبادي کي نظر انداز ڪيو ويندو آهي، جڏھن ته شھرن ۾ به راندين وارو کاتو ديسي راندين جي سرپرستي ڪرڻ بدران انھن راندين کي وڌائڻ ۽ برقرار رکڻ لاءِ ڪجھه به نه ڪري سگھيو آھي، جنھن جي ڪري سنڌ جي قومي راند ملاکڙو جيڪو ماضي ۾ عيدن تي شادي جي ڪاڄن تي پڻ شھرن توڙي ڳوٺن ۾ ٿيندو ھو، ھاڻ ملاکڙو رڳو ميلن تائين محدود رھجي ويو آھي، ماضي ۾ ملهھ سيکارڻ لاءِ پھلوانن پاران ذاتي طور تي سکيا گھر قائم ڪيل ھئا، پر حڪومتي سرپرستي نه ٿيڻ ڪري ۽ جھونا ملهھ پھلوان مري وڃڻ ڪري اھي پنھجي مدد پاڻ تحت قائم ڪيل ڪوچنگ سينٽر بند ٿي ويا، ماضي ۾ ٻھراڙين ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي ديسي رانديون کيڏيون وينديون ھيون، پر آھستي آهستي اھي رانديون به پنھنجو وجود وڃائي ويٺيون آھن، اسان جي نئين نسل کي ماضي جي انھن راندين جي ڪا خبر نه آھي، سنڌ ۾ ڪيتريون ئي ديسي ٻاراڻيون رانديون جيڪي ھاڻ ختم ٿي ويون آھن يا شايد ڪجهھ علائقن ۾ کيڏيون به وينديون ھجن، پر هاڻ اهي عام جام نه آهن، اڳ ٻھراڙي ۾ والي بال، ڪٻڊي ۽ گلي ڏڪر راندين جو عروج ھو، ٻھراڙين ۾ انھن راندين جا مقابلا ٿيندا ھئا، اسان جي ڳوٺ ۾ به يونين ڪائونسل جي گرائونڊ تي روز والي بال ٿيندي ھئي، جتي ملدسي ھاءِ اسڪول آھي اتي گلي ڏڪر جي روز راند ٿيندي ھئي، ۽ ھر عيد تي ڪٻڊي ٽورناميٽ ٿيندي ھئي، سيارو ايندي ئي جتي هن وقت ملدسي ڊسپينسري آھي اتي ڀرسان پورو سيارو ڪٻڊي راند ٿيندي ھئي، پر ڪافي سالن کان راندين جو اهو سلسلو بند آھي، جنھن جا ڪيترائي سبب آھن، ھڪ سبب انھن راندين جا جيڪي گرائونڊ ھئا اھي ختم ٿيڻ به آھي سنڌ جي ڪجهھ ڳوٺن ۾ اڃان به والي بال ۽ ڪٻڊي ٿئي ٿي پر ان جو ماضي وارو عروج نه آھي، سنڌ ۾ جيڪي ٻارااڻيون رانديون ھيون اھي ته 98سيڪڙو ختم ٿي چڪيون آھن، سنڌو ماٿريءَ جي تھذيب ۾ اڻ کُٽ عوامي رانديون آهن، جيڪي ننڍپڻ ۾ ٻارڙا وندر لاءِ کيڏندا ھئا انھن مان ڪافي رانديون ڇوڪريون به کيڏنديون ھيون، اھي رانديون گهڻو ڪري، هر موسم ۾ کيڏيون وينديون ھيون پرسياري ۾ انھن راندين جي ڌم مچي ويندي ھئي . ننڍن ڳوٺن کان وٺي وڏن شهرن تائين، گهرن، گهٽين ۽ رستن تي رانديون ئي نظر اينديون.ھيون اِٽي ڏڪر، بلورن راند، لاٽو، لغڙ اُڏائڻ ۾ ننڍا توڙي وڏا حصو وٺندا ھئا. بهار جي مُند ۾ ”چور پوليس“ راند عروج ٿي ھوندي ھئي. ڇوڪرا گهڻو ڪري ”سٽ ڪّٽ“، ”کيروٽي“ ۽ ”ليٽ ڪبوتر“ کيڏن ٿا، اونهاري جي موسم ۾ ڇوڪرين جون رانديون پينگهه ۽ چيڪلو آهن. ڪي رانديون مثال لڪ لڪوٽي ۽ ڦر ڦر سؤنٽو، ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏ يا الڳ ٽوليون ٺاهي کيڏندا آهن، ڏاڪ چمي ۽ ڏائي رانديون به خاص رانديون رھيون، سنڌ جون هي سڀ مختلف قسمن جون رانديون نه رُڳو ٻارن جي وندُر لاءِ اھم رھيون پر اھي رانديون صحت لاءِ به ڪارائتيون هيون، جڏھن ته وڏن جون رانديون الڳ قسمن جون هونديون آهن، اُنھن ۾ ملهھ، ٻيلهاڙو، ڪوڏي ڪوڏي شامل آھن، ان کانسواءِ ماضي ۾ ٻين راندين کانسواءِ ارچڪ مرچڪ، اس ۽ ڇانو، اکر ۽ ڀوري راند، اڪي ٻَڌي راند، اسڙي ڇانئڙي، آڱرين جو اُٺ هلائڻ (راند)چيچمڪڙو ،مَلهھ ،ٻلھاڙو، ونجهه وٽي، نوڙي ٽَپ ڏيڻ، پٿربال، ٺِپي راند ڇم ڇم، چڻ مگڻ، شينھن ٻڪري راند، ڪنگري ڪلوٽو الھو ٻلھو، انڊڪ منڊڪ، نَوَ ٽِڻ، ڪوڏيون، گُليل، گھٻي، ھاٿي سُونڍ، ريل گاڏي، گُڏي گُڏو، لال ڦيري، گوٽي راند، ٽانگڻ ڦوسڻ، ڀنڃ پَرولي، ڪارڙوڪمارڙو، چوپڙ راند سميت ٻين راندين مان 90سيڪڙو رانديون ختم ٿي ويون آھن، 10سيڪڙو رانديون به اڃان به ڪن ڳوٺن ۾ کيڏيون وڃن ٿيون راندين واري کاتي پاران سال ۾ ھڪ ٻه دفعا راندين جا ھفتا ملھايا وڃن ٿا پر اھي گھڻو ڪري ضلعي ھيڊڪواٽرن تائين محدود آھن پر اتي به مٿي ذڪر ڪيل راندين کي شامل نه ڪيو ويندو آھي، ضرورت ان ڳالهھ جي آھي ته سنڌ حڪومت جي راندين واري وزارت کي ھن حوالي سان پنھجو اھم ڪردار ادا گھرجي ۽ ملهائجندڙ هفتن دوران نج ديسي راندين کي به شامل ڪيو وڃي.