119

ڪورونا سبب ٿيل نقصان ۽ اڳتي جي حڪمت عملي….!!

ليکڪ: پروفيسر امانت علي جلباڻي

دنيا جي امڪاني تباهي جو ڪارڻ ڪورونا وائرس سياحت جا اهڙا مقام/شهر ويران ڪري ڇڏيا آهن جيڪي حڪومتن لاءِ آمدنيءَ جا وڏا ذريعا سڏيا ويندا هئا. اٽلي (هن ملڪ جي سالياني سياحتي آمدني اٽڪل پنجاهه ارب ڊالر آهي جيڪا اسان جي ملڪ جي بجيٽ کان مٿي آهي) جتي ڪڏهن قطار پوري ڪونه ٿيندي هئي اتي ڪاري وارا ڪک پيا نظر اچن، جيڪو پڻ وڏو الميو آهي، سعودي عرب پنهنجي ملڪ مان ٻين ملڪن جي رهاڪن کي نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي. جيڪي واپس اچي پنهنجي ملڪن تي بار ثابت ٿي رھيا آھن، ڪيترن ملڪن جون بازارون قبرستانن وانگر خاموش آهن، دنيا جون اسٽاڪ مارڪيٽون ڪري پيون آهن، اسان واري اسٽاڪ مارڪيٽ جيڪا سدائين ٿنڀن ۽ ٿوڻين تي بيٺل رهندي آهي اها ته ڪو ڌڪ جهلڻ جي نه پوزيشن ۾ هئي نه ڪڏهن رهي آهي، ڇو ته هتي واري اسٽاڪ مارڪيٽ سٽي بازار جوارين جي آماجگاھ  جيان آهي، دنيا جي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه گهٽ ٿيندا پيا وڃن جيڪي انتهائي هيٺين سطح تي پهتل آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته دنيا جي گولي تي موجود شايد ڪجهه ملڪ اهڙا آهن جيڪي پنهنجي عوام کي شيون بلڪل ائين ئي وڪڻندا آهن جيئن پاپي واپاري شين جي اگهن تي نظر رکندي طلب ۽ رسد تحت شين جي اگهن کي آسمان تي کڻي ويندا آهن ۽ ڪجهه منٽن ۾ شيون غائب ٿي وري ٻيڻي ٽيڻي قيمت تي دستياب ڪرائيندا آهن، پاڪستان آبادي جي لحاظ کان دنيا جو پنجين روڊ نيٽ ورڪ جي حوالي سان 21هون ۽ ايراضي جي بنياد تي دنيا جو 33هون وڏو ملڪ آهي. ان کانسواءِ دنيا جي ڳڻيل ايٽمي طاقتن مان هڪ ۽ مجموعي آبادي ۾ نوجوانن جو تناسب به تمام گهڻو آهي، پاڪستان جي باري ۾ اهڙين مثبت حقيقتن جي فهرست تمام طويل آهي پر اسان سڀ پوءِ به پاڪستان کي ئي خراب چوندا آهيون ڇو؟ ان لاءِ جو انهن تمام خوبين ۽ خاصيتن سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ تمام گهڻا مسئلا پڻ آهن. اها فهرست به وڏي طويل آهي، هڪ وڏو مسئلو وسيلن جي اها غير منصفاڻي ورڇ آهي جيڪا گهٽ ۾ گهٽ ٽن سطحن عام شهري، رياستي ادارن ۽ صوبن جي سطح تي اها ڏسڻ ۾ ايندي آهي.تعليم هڪ اهڙو عمل آهي، جنهن کي جنگ جي ڏهاڙن ۾ به جاري رکڻ جي جستجو ڪئي ويندي آهي، پر بدقسمتيءَ سان گذريل سالن کان پوريءَ دنيا ۾ ڦهليل ڪورونا وائرس سبب نه رُڳو تعليمي سرگرميون پر زندگيءَ جو ٻيو مڙوئي وهنوار ٺپ بڻيل هو حالتن جي سنگينيءَ سبب گذريل سال شاگردن کي پروموٽ ڪري اڳئين درجي ۾ موڪليو ويو ته جيئن اُنهن جي تعليم جو سال ضايع ٿي نه سگهي. جيتوڻيڪ باقي دنيا جيان اسان جي مُلڪ ۾ به آن لائن ڪلاسز جون ڪوششون ڪيون ويون، پر شاگردن کي انٽرنيٽ جي سهولت نه هُجڻ ۽ بجليءَ جي لوڊ شيڊنگ جي آزار سبب اُن جو ڪو خاص فائدو ٿي نه سگهيو. تنهن ڪري ضروري هو ته جيترو ممڪن ٿي سگهي فزيڪلي ڪلاسز شروع ڪيا وڃن. توڙي جو ٻين صوبن خاص ڪري پنجاب 7 جُون کان اسڪولن کان ويندي يونيورسٽين تائين تعليمي سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون هيون، اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽين جي بندش جي حوالي سان عام ماڻهن جي ذهنن ۾ اِهو سوال به جاءِ والاريندو رهيو آهي ته جڏهن بازارن ۾ ماڻهن جي عام جام رش رهي ٿي، ماڻهو پنهنجا ڪاڄ ۽ ڪانڍون به ڪندا رهن ٿا ته پوءِ تعليم جي سرگرمين کي روڪڻ جو مطلب ڪهڙو آهي؟ کڻي مڃجي به ته شهرن ۾ وبا جو آزار آهي ۽ اُن جي ڦهلاءَ جو خطرو رهي ٿو، پر ٻهراڙيون ته اهڙي وبا کان هيستائين گهڻي ڀاڱي محفوظ رهيون آهن، پوءِ اُتان جي تعليم کي بند ڪرڻ جو ڪهڙو جواز آهي؟ خلق جي اِنهن سوالن جو يقينن سرڪار وٽ جواب هوندو پر اِهو سوال پنهنجي جاءِ تي اهميت ضرور رکي ٿو ته جڏهن ٻهراڙين ۾ ٻارڙا معمول جيان رانديون ڪندا ڦرن ٿا، ٻني ٻاري تي به سندن اچ وڃ جاري آهي ته پوءِ اُنهن کي اسڪول اچڻ ۾ ڪهڙو خطرو آهي؟ بھرحال اھا اُميد آھي ته اڳتي اِن حوالي سان ضرور خيال رکيو ويندو ۽ ٻيو ته تعليمي ادارن جي  اسٽاف جي وئڪسينيشن کي به يقيني بڻايو ويندو. جيتوڻيڪ اِن سلسلي ۾ وئڪسين نه ڪرائيندڙ خلاف سخت قدم کڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، پر اهڙي اعلان تي عمل کي به ٿيڻ گهرجي ته جيئن نئين نسل جي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي.اچو ته ترقي پذير ملڪ هئڻ جي ناتي پنهنجي ملڪ ۽ خاص طور تي پنهنجي سنڌ جو خيال ڪري  پنهنجن بنيادي فرضن کي ورجايون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو