212

وفاقي بجيٽ ۾ سنڌ سان ٿيل ناجائزي جو ازالو ٿيڻ گهرجي

ايڊيٽوريل

وفاقي حڪومت پاران قومي اسيمبلي ۾ مالي سال 22-2021ع جي پيش ڪيل بجيٽ تي بحث جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، ان کان اڳ مخالف ڌر جي اڳواڻ جيئن ئي بجيٽ تي پنهنجي تقرير ڪري بحث جي شروعات ڪئي هئي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حڪمران ڌر جي بئنچن طرفان مخالف ڌر جي اڳواڻ جو گهيراءُ ڪري ان کي تقرير کان روڪيو ويو هو ۽ ائين ٽن ڏينهن تائين ايوان مڇي مارڪيٽ بڻيل رهيو، ان دوران ميمبرن هڪٻئي مٿان نه صرف حملا ڪيا ۽ گارگند ڪئي، پر ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو تماشو پارليامينٽ ۾ ڏسڻ ۾ آيو، جنهن بعد ڌرين گڏجي ويهي معاملو سلجهائڻ کانپوءِ بجيٽ تي بحث جو باقاعده آغاز ڪيو، جيڪو ٻن ڏينهن کان هلندڙ آهي، پارليامينٽ ۾ بجيٽ تي بحث هلندي ننڍن صوبن طرفان نظرانداز ڪرڻ جون دانهون سرعام ٿي رهيون آهن، خاص ڪري سنڌ کي بجيٽ ۾ مڪمل نظرانداز ڪرڻ ۽ فنڊن جي ڪٽوتي کي غيرآئيني قرار ڏئي سنڌ جا ميمبر پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿاري رهيا آهن، گذريل ڏينهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي تقرير دوران چيو آهي ته بجيٽ ۽ بجيٽ اجلاس غيرقانوني آهن، هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪندي ته پوءِ اقتدار ڪير هلائيندو؟ حڪومت چاهي پئي ته مخالف ڌر کي ڳالهائڻ نه ڏنو وڃي ۽ بجيٽ ۾ موجود عوام دشمن شيون ماڻهن جي سامهون نه اچن، هن چيو ته هي ماڻهو ڄاڻين ٿا ته 4 سيڪڙو گروٿ ڪوڙ آهي. هي بجيٽ سيشن غيرقانوني آهي، اڄ ڏينهن تائين نئون اين ايف سي ايوارڊ ناهي ڏنو ويو، جيستائين نئون اين ايف سي ايوارڊ نه ڏنو ويندو، ايستائين بجيٽ غيرقانوني هوندي، بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي ۾ هنگامي کي تاريخ جو بدترين ڏينهن قرار ڏنو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن 18 هين ترميم ختم ٿي ته، رڳو سنڌ نه سڀني صوبن کي نقصان ٿيندو، جيڪڏھن هاڻ اين ايف سي ايوارڊ نه ٿيندو ته به سمورن صوبن کي نقصان ٿيندو، اهو سڀ ڪجهه آئين ۾ لکيل آهي. هن چيو ته جڏهن سنڌ جو وڏو وزير پنهنجي صوبي جي مسئلن کي ماڻهن جي آڏو رکي ٿو  ته هن کي ان جو حق آهي، جيڪڏهن هو سنڌ بابت نه ڳالهائيندو ته ڇا هو جاپان ۽ جرمني بابت ڳالهائيندو؟ جڏهن وڏو وزير سنڌ جي ڳالهه ڪندو آهي، توهان سنڌ ڪارڊ جو الزام هڻندا آهيو. ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته موجوده حڪومت جي اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ شڪايتون به سنڌ کي آهن ته حڪومت سڀ کان وڌيڪ فنڊ به سنڌ جا ڪٽيا آهن، پاڻي جي معاملي تي سنڌ سان ناجائزي ڪئي وئي ۽ وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ سنڌ جو موقف رد ڪيو ويو، آدمشماري جي معاملي تي سنڌ جي آواز لتاڙيو ويو، اين ايف سي ۽ فنڊن جي معاملن ۾ سنڌ جي آواز کي پٺي ڏني وئي، نه رڳو ايترو پر ٻيون به ڪيتريون ئي زيادتيون سنڌ سان ٿيون آهن، گذريل بجيٽ ۾ سنڌ کي 25 سيڪڙو گهٽ فنڊ ڏنا ويا، جڏهن ته موجوده بجيٽ ۾ پڻ صوبي جا 82 ارب رپيا ڪٽيا ويا آهن، جيڪا مسلسل زيادتيءَ جي هڪ ڪڙي آهي، اسان سمجهون ٿا ته جمهوري سسٽم ۾ آئيني طريقن کان هٽي جنهن قسم جي روش سنڌ سان رکي وئي آهي، اها ان کان اڳ تاريخ ۾ ڪڏهن به نه رکي وئي، ان ڪري وفاقي حڪومت کي سنڌ جي نه رڳو دانهن ورنائڻ گهرجي پر جمهوري طريقو اختيار ڪندي صوبي کي ان جا آئين ۾ ڏنل سمورا حق ۽ وسيلا پڻ فراهم ڪيا وڃن ته جيئن صوبائي ۽ عوام جي چونڊيل حڪومت پنهنجي عوام جا مسئلا حل ڪرائي سگهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو