نوابشاهه(ويب ڊيسڪ) ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس شھيد بينظيرآباد رينج عرفان علي بلوچ چيو آهي ته ڏوهارين کي هر حال ۾ پنهنجي انجام تائين پهچائڻ سنڌ پوليس جي ذميوارين ۾ شامل آهن ڏوهن خلاف سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن پوليس اسٽيشن دولت پور جي دوري دوران ڪيو ان موقعي تي ايس ڊي پي او سيد سڪندر علي شاهه ڊي آئي جي کي ڀليڪار ڪيو.ڊي آئي جي عرفان علي بلوچ پوليس اسٽيشن جي بلڊنگ، ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي جي آفيس، مال خاني ۽ پوليس لاڪ آپ جو معائنو ڪيو سرڪاري ھٿيارن ۽ بلڊنگ جي صفائي تي پوليس عملدارن کي شاباس ڏني ان موقعي تي ڊي آئي جي ايس ڊي پي او ۽ ايس ايڇ او دولت پور کي ھدايت ڪئي ته ڏوھن کي روڪڻ لاءِ پنھنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻين ته جئين عوام کي ريليف فراھم ڪري سگھجي. ڊي آئي جي عرفان علي بلوچ ڪجھ ڏينھن پھريان دولت پور جي حدن ۾ نيشنل ھائي وي تي ڦر ۾ ملوث گينگ جي ڏوھارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ سميت انھن کان ھٿيار ۽ سامان ٽرڪ سميت برآمد ڪرڻ تي پوليس عملدارن ۽ اھلڪارن کي شاباس پڻ ڏني.
114