117

پيرو جي علائقي اياڪوچوو ۾ بس ڪلٽي، 27 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

ليما (ويب ڊيسڪ) پيرو جي ڏکڻ علائقي اياڪوچوو ۾ بس ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 27 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.رپورٽ مطابق پيرو جي پوليس عملدارن ميڊيا کي ٻڌايو ته پيرو جي ڏکڻ علائقي ۾ مسافر بس تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي ۽ 250 ميٽر گهري کاهيءَ ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 27 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ريسڪيو ٽيمن، فائر فائيٽرز ۽ پوليس جي امدادي ٽيمن لاشن ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو آهي جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو