غزه (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي جنگي جهازن غزه جي پٽي تي بمباري ڪئي جنهن کانپوءِ ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو. ترڪ سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق اسرائيلي جنگي جهازن غزه جي اتر علائقي موضع بيت لاحيه ۽ خان يونس شهر ۾ فلسطيني مزاحمتي گروپن جي ٺڪاڻن تي بمباري ڪئي ۽ زرعي ايراضي کي هدف بنايو جڏهن ته ان دوران ڪنهن به جاني نقصان جا اطلاع ناهن مليا. حماس ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته قابض اسرائيل جو مزاحمتي ٺڪاڻن تي بمباري ڪرڻ ڏکين حالتن ۾ گهريل نئين حڪومت جي پنهنجي حوصلن لاءِ هڪ ڊرامي جي حيثيت رکي ٿي.
194