132

ڀارت: ڪورونا متاثرن جو انگ 2 ڪروڙ 98 لک 23 هزار کان وڌي ويو، 1647 مريض فوت

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جي 60 هزار کان وڌيڪ نون ڪيسن کانپوءِ ملڪ ۾ متاثرن جو انگ 2 ڪروڙ 98 لک 23 هزار کان وڌي ويو آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب 3 لک 85 هزار کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون آهن. ڇنڇر ڏينهن ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق ڀارت ڪورونا وائرس جي مريضن جي لحاظ کان دنيا جو ٻيون نمبر ملڪ بڻجي ويو آهي. ملڪ جي مختلف رياستن ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثرن جو مجموعي انگ 29823546 آهي جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 60753 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. عملدارن جو چوڻ آهي ته ان دوران ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 1647 مريض فوت ٿيا آهن. ڀارتي صحت واري وزارت جي انگن اکرن مطابق سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي فعال ڪيسن جو انگ 759989 آهي. سرڪاري انگن اکرن مطابق ڀارت ۾ مجموعي طور تي ڪورونا وائرس سبب متاثر 28678390 مريض صحتياب ٿيا آهن. عملدارن مطابق ڀارت ۾ ڪورونا وائرس سبب مجموعي طور تي 385167 مريض فوت ٿيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو