واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثرن جو انگ 3 ڪروڙ 43 لک 93 هزار کان وڌي ويو آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ وائرس سبب هيل تائين 6 لک 16 هزار 900 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا آهن. ڇنڇر ڏينهن آمريڪي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ 34393269 تائين پهچي ويو آهي. آمريڪي صحت کاتي جي عملدارن مطابق ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي فعال مريضن جو انگ 5100420 آهي جڏهن ته وائرس سبب هيل تائين 616920 مريض فوت ٿيا آهن ۽ 28675929 مريض صحتياب ٿيا آهن.
182