اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چٽو ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستان افغانستان مان آمريڪي فوج نڪرڻ کان پوءِ اتي ڪاررواين جي لاءِ آمريڪا کي پنهنجي سرزمين استعمال ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏيندو. اها ڳالهه هن آمريڪي ٽيليويزن کي هڪ انٽرويو ۾ چئي جيڪو اڄ آچر ڏينهن شام 6 وڳي نشر ڪيو ويندو. وزيراعظم عمران خان کان ”ايگزياس آن ايڇ بي او“ ۾ جوناٿن سوان سوال ڪيو ته ڇا توهان آمريڪي حڪومت جي القاعده، داعش يا طالبان جي خلاف سرحد پار دهشتگردي جي خاتمي جي ڪاررواين جي لاءِ پاڪستان ۾ سي آءِ اي جي موجودگي جي اجازت ڏيندا؟ جنهن تي وزيراعظم عمران خان چيو ته بلڪل نه، اسان پاڪستاني سرزمين تان افغانستان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪارروائي يا اڏا ڏيڻ جي هرگز اجازت نه ڏينداسين. انٽرويو ڪندڙ حيران ٿي پنهنجو سوال ورجايو ۽ پڇيو ته ڇا توهان اها ڳالهه سنجيدگي سان چئي رهيا آهيو؟ جنهن تي وزيراعظم واضح ڪري ڇڏيو ته پاڪستان قطعي طور ان جي اجازت نه ڏيندو. هوڏانهن پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ترڪ ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته افغانستان مان آمريڪي فوج وڃڻ کان پوءِ اتي امن قائم ڪرڻ جي سڄي ذميواري رڳو اڪيلي پاڪستان جي ڪلهن تي نه ٿي وجهي سگهجي. هن چيو ته افغانستان جي صورتحال ڏاڍي منجهيل آهي، هن وقت اتي طاق حاصل ڪرڻ لاءِ ڇڪتاڻ شروع ٿي چڪي آهي. خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ٻين عالمي طاقتن جو ڪردار پڻ ضروري آهي، پاڪستان پڻ ان ڪوشش ۾ ٻين ملڪن سان گڏ ئي شريڪ ٿيندو . هن وڌيڪ چيو ته ڪشمير جهڙا مسئلا دگهي وقت کان خطي جي امن ۽ معاشي ترقيءَ ۾ وڏي رڪاوٽ ٿيل آهن آهن، بين الاقوامي برادريءَ کي ان پاسي ڏانهن ترت ئي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ٻي پاسي ڇنڇر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي شهريار آفريدي چيو ته اسان جي حڪومت جي هوندي ڪنهن ۾ جرئت نه آهي ته اهو ڊرون يا سلاله جهڙا حملا ڪري سگهي، نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي حڪومتن عوام دشمن ۽ وطن مخالف قدم کنيا ۽ ملڪ جي خودمختياري جو سودو ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ماضي جي حڪومتن ڊرون حملن ۽ سلاله جهڙن حملن لاءِ ڳجها معاهدا ڪيا هئا اڄ اسان جي حڪومت ۾ ڪنهن جي جرئت نه آهي جو هڪ حملو ڪرڻ جو به سوچي. جيڪڏهن آمريڪا جي اکين ۾ اکيون وجهي ڪنهن ڳالهه ڪئي ته ان جو نالو وزيراعظم عمران خان آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪشميري حريت قيادت جو اهو موقف آهي ته جڏهن مخالف ڌر ڪشمير تي سودي جي بي بنياد ڳالهه ڪري ٿي ته والاريل ڪشمير ۾ جدوجهد ڪندڙ ڪشميرين جو حوصلو ۽ اعتبار گهٽجي وڃي ٿو.
147