اسڪردو (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد چوڌري چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ سياحت کي فروغ مليو، گلگت بلتستان جي ترقي جي لاءِ 300 ارب رپين کان وڌيڪ جو پئڪيج ڏنو ويو، پي آءِ اي اسڪردو جي لاءِ ماضي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ فلائيٽس هلايون، ماضي جي حڪومتن گلگت بلتستان جي انفراسٽرڪچر تي ڪو ڌيان نه ڏنو، اسڪردو پريس ڪلب ۾ نوجوان صحافين کي ڊيجيٽل تربيت جي لاءِ انتظام ڪيا پيا وڃن، اسڪردو ۽ ٻين وڏن ضلعن جي ٽائون پلاننگ ڪئي ويندي ته جيئن اتي رهندڙ ماڻهن جي لاءِ مسئلا پيدا نه ٿين، علائقي جي ترقي مقامي حڪومتن جي قيام سان ئي ممڪن آهي، احتساب جي حوالي سان هلندڙ ڪسيسز ۾ روزاني جي بنياد تي اڳڀرائي ٿيڻ گهرجي، اسان احتساب جي عمل کي منطقي انجام تائين پهچائڻ چاهيون ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسڪردو پريس ڪلب کي گرانٽ هلندڙ مهيني ملي ويندي، ان سان انهن جو هڪ مطالبو پورو ٿي ويندو، ان کانسواءِ هتي نوجوان صحافين کي ڊيجيٽل تربيت فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا. هن چيو ته اسڪردو ۾ سياحت کي فروغ ملي رهيو آهي، پي آءِ اي به پنهنجون فلائيٽس شروع ڪيون آهن جيڪو هڪ مثالي قدم آهي، هڪ ڏينهن ۾ ٽي ٽي فلائيٽس هلي رهيون آهن. هن چيو ته هتي سياحت جا امڪان وڌيڪ آهن پر اسان وٽ انفراسٽرڪچر گهٽ آهي، اسان کي انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻو پوندو. هن چيو ته هتي سياحت جو شعبو تيزي سان ترقي طرف وڌندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسڪردو جي صحافين کي اهڙي تربيت فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ ماحول دوست ۽ سياحت سان واڳيل رپورٽنگ جون ڪلاسز به شامل هجن، ان جي لاءِ اسان يونيورسٽي سان ڳالهه ڪنداسين. اسڪردو جي صحافين جي ترقي جي لاءِ جيڪو ڪجهه ڪري سگهياسين، اسان ڪنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت گلگت بلتستان جي انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ 300 ارب رپين کان وڌيڪ جو پئڪيج ڏنو.
127