لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي احتساب عدالت شهباز شريف جي ڌيءَ رابعه عمران ۽ ناٺي عمران علي يوسف خلاف صاف پاڻي ڪرپشن ريفرنس ۾ مسلسل غير حاضري تي ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي عدالتي حڪمن جي تعملي ۽ جوابدان جي اثاثن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. عدالت صاف پاڻي ريفرنس تي ڪارروائي 17 جولائي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. احتساب عدالت جي ڊيوٽي جج رابعه عمران، عمران علي يوسف ۽ قمر الاسلام سميت 13 جوابدارن خلاف ٻڌڻي ڪئي. عدالت نيب جي جاچ آفيسر کي حڪم ڏنو ته ٻنهي جوابدارن رابعه عمران ۽ عمران علي يوسف جي گرفتار جلد يقيني بنائي وڃي. ان کان اڳ عدالت جوابدارن کي مسلسل عدم پيشي تي اشتهاري قرار ڏئي چڪي آهي. ڇنڇر ڏينهن عدالتي ٻڌڻي تي ريفرنس ڪيس جي شريڪ جوابدار قمر الاسلام سميت ٻيا 4 جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ پنهنجي حاضري لڳرائي.
225