205

راڻا ثناءُ الله خلاف منشيات برآمدگي ڪيس ۾ فرد جرم جي ڪارروائي هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي منشيات جي روڪٿام واري خاص عدالت ۾ راڻا ثناءُ الله خلاف منشيات برآمدگي ڪيس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي ڪارروائي ملتوي ڪئي وئي. عدالت جي جج جي عدم مقرري سبب ڇنڇر ڏينهن به راڻا ثناءُ الله سميت ٻين تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو. عدالت جي ڊيوٽي جج خالد بشيد ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪنهن ڪارروائي جي 31 جولائي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. راڻا ثناءُ الله پنهنجي وڪيل سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿي حاضري لڳرائي جنهن کانپوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو