نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ بي گهر ماڻهن جو انگ 8 ڪروڙ 20 لک ٿي ويو آهي. آمريڪي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق گڏيل قومن جي مهاجرين بابت اداري يو اين ايڇ سي آر پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته دنيا جو المناڪ پهلو اهو آهي ته بي گهر ٿيندڙن جي اڪثريت مسلمان ملڪن سان آهي. انهن ملڪن ۾ شام، افغانستان، صوماليا ۽ يمن ۾ جاري بحران ۽ ايٿوپيا ۾ موزمبيق ۾ تشدد جي واقعن ۾ اضافو بي گهر ماڻهن جي انگ ۾ اضافي جو سبب بڻيو آهي. گڏيل قومن جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا وائرس سبب اٽڪل 30 لک ماڻهو بي گهر ٿيا آهن. يو اين ايڇ سي آر جي چيف جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس دوران سڄي دنيا جي ملڪن جي معيشت سميت هر شيءِ رڪجي وئي پر جنگ، ڇڪتاڻ، تشدد ۽ امتيازي سلوڪ جاري آهي. واضح رهي ته 2011ع ۾ بي گهر ماڻهن جو موجوده انگ جي ڀيٽ ۾ اڌ کان به گهٽ يعني 4 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ هو.
202