212

ايران جون صدارتي چونڊون: ابراهيم رئيسي ڪاميابي ماڻي ورتي

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران ۾ صدارتي چونڊن جي اميوار ابراهيم رئيسي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي ملڪ جي 8 صدر بنجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو آهي. ايراني سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق نئين چونڊيل صدر، صدارتي چونڊن ۾ ڪل 17.8 ملين ووٽ حاصل ڪيا. ايران جي 13 هين صدارتي چونڊن ۾ عوام جي سهولت ۽ ڀرپور شرڪت کي نظر ۾ رکندي 72 هزار پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون جڏهن ته صدارتي چونڊن مان 3 اميدوار دستبردار ٿيا جن ۾ مهر عليزاده، علي رضا زاڪاني ۽ سعيد جليلي شامل آهن. واضح رهي ته نئين چونڊيل ايراني صدر 1979ع جي انقلاب ايران کانپوءِ ملڪ جي اهم عهدن تي ڪم ڪيو اهي. ان کي 2019ع ۾ جوڊيشري جو سربراهه مقرر ڪيو ويو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو