189

چونڊ سڌارن لاءِ سمورين پارٽين کي گڏجي ويهڻو پوندو نه ته ٽرمپ ۽ بائڊن جهڙو حال ٿيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته سمورين سياسي پارٽين کي چونڊ سڌارن ۽ ملڪي حالتن تي گڏجي ويهڻ گهرجي ۽ پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪري حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي. ڇنڇر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي عام بحث دوران وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد وڌيڪ چيو ته جيو اسٽريٽجڪ صورتحال ۽ گوادر جي ڏس ۾به سمورين سياسي پارٽين ۽ عوام جو هڪ ٿيڻ تمام ضروري آهي، ملڪ کي جيترا به اقتصادي مسئلا  آڏو آهن، ان جي پاڙ مهانگي بجلي جي منصوبن ۾ آهي، جيڪڏهن انهن منصوبن جو ٻيهر جائزو ورتو وڃي ته اسان جا ڪيترائي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته  وزيراعظم عمران خان معاشري ۾ بدديانتي ۽ بدعنواني جي خلاف ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته اسيمبلين جي اندر جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ملڪ جو پڙهيل لکيل ماڻهو ان کي پسند نه ڪري رهيو آهي. هن چيو ته جيو اسٽريٽجڪ صورتحال ۽ گوادر جي ڏس ۾ سمورين سياسي پارٽين ۽ عوام جو هڪ ٿيڻ تمام ضروري آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف وٽ سموريون حڪومتون وڃن ٿيون، اسان هروڀرو هڪ ٻي تي الزام هڻندا آهيون. آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ مجبوري هوندي آهي. آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ سان ماڻهن تي دٻاءُ ان لاءِ پوي ٿو ڇو ته خزاني جون حالتون بهتر نه هونديون آهن. پهريون ڀيرو مٽاسٽا جي ناڻي ۾ نمايان اضافي جي ڪري دٻاءُ برداشت ڪيو پيو وڃي. ٻي صورت ۾ اسان ڪشتو کڻي هلون ها ۽ ملڪ ڏيوالو ٿي وڃي ها.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو