126

ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 13 مريض فوت، 565 نوان ڪيس رپورٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ 13 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جي تعداد 5327 ٿي وئي آهي جڌهن ته 10825 ٽيسٽ ڪرڻ تي 565 نوان ڪيس سامهون آيا. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڇنڇر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌائي.. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 13 وڌيڪ مريض فوت ٿيڻ سان انگ وڌي 5327 تائين پهچي ويو آهي جيڪي 1.6 سيڪڙو فوتين جي شرح آهن. وڏي وزير چيو ته 10825 نمونن جي جانچ ڪئي وئي جن مان 565 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي 5.2 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 4365228 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن جن مان 331642 ڪيس  ظاهر ٿيا انهن مان 92.6 سيڪڙو يعني 307067 مريض صحتياب ٿيا جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 1134 مريض پڻ شامل آهن.  وڏي وزير چيو ته هن وقت 19248 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 18616 گهرن ۾، 33 آئسوليشن سينٽرن ۽ 599 مختلف اسپتالن ۾ آهن.  هن وڌيڪ چيو ته 543 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي جن ۾ 48 مريض وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيا ويا. بيان موجب 565 ڪيسن مان 332 ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع اوڀر 119، ضلع ڏکڻ 59، ضلع ڪورنگي 56، ضلع سينٽرل 52، ضلع ملير 31 ۽ ضلع اولهه 15 شامل آهن. حيدرآباد ۾ 45، سانگهڙ 27، شهيد بيظيرآباد 19، ڄامشورو 17، سجاول 14، قمبر 13، مٽياري 11، دادو 10، نوشهروفيروز 9، ٿرپارڪر 8، جيڪب آباد 7، ٽنڊوالهيار 5، ٽنڊو محمد خان 4، ڪشمور 3، عمرڪوٽ 2، گهوٽڪي، لاڙڪاڻو ۽ سکر 1-1 ڪيس آهن. وڏي وزير صوبي جي عوام تي زور ڀريو آهي ته ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو