اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان چونڊ سڌارن واري ترميمي بل تي اعتراض ڪري ڇڏيا آهن ۽ ان جي 13 شقن کي آئين جي ابتڙ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. وفاقي حڪومت چونڊ سڌارن جي لاءِ اليڪشن ترميمي بل قومي اسيمبلي ۾ منظوري ڪرائي چڪي آهي، پر سينيٽ مان منظور ٿيڻ کان اڳ اليڪشن ڪميشن جا اعتراض سامهون اچي ويا آهن. ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري پارلياماني معاملن واري سيڪريٽري کي خط کي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي اعراضن جي ان کي سُڌ ڏيندي اهو بل سينيٽ ۾ پيش ڪرڻ کان اڳ معاملو وزير اعظم عمران خان تائين پهچائڻ جي هدايت ڪئي آهي. اليڪشن ڪميشن تڪ بندين، ووٽر لسٽن، ووٽ وجهڻ جي طريقي سميت ڪيترين ئي اعتراض جوڳين ۽ آئين جي ابتڙ شقن جي نشاندهي پڻ ڪري ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن بل ۾سيڪريٽ ووٽنگ بدران اوپن ووٽنگ جو لفظ شامل ڪرڻ جي به مخالفت ڪري ڇڏي آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته بل ۾سيڪريٽ ووٽنگ بدران اوپن ووٽنگ جو لفظ شامل ڪرڻ آئين جي آرٽيڪل 226 جي ڀڃڪڙي آهي، سپريم ڪورٽ ان بابت صدارتي ريفرنس واري ڪيس ۾ چٽي راءِ ڏئي چڪي آهي. تڪ بنديون آباديءَ بدران ووٽرن جي بنياد تي ڪرڻ جي شق پڻ آئين جي ابتڙ آهي، ووٽرن جون لسٽون تيار ڪرڻ جو اختيار پڻ اليڪشن ڪميشن جو ئي آهي. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته بل تي عمل ٿيڻ جي صورت ۾ اليڪشن ڪميشن جا اختيار محدود ٿي سگهن ٿا، بل سينيٽ ۾ پيش ڪرڻ کان اڳ معاملو وزير اعظم عمران خان جي علم ۾ آندو وڃي.
217