ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾21 جون کان پرائمري اسڪول کولڻ ۽ گرمين جون موڪلون نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب وڏي وزير مراد علي شاهه جي سربراهي ۾ ڪورونا ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير عذره پيچوهو، صوبائي وزير سعيد غني، صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، مرتضيٰ وهاب ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، ان موقعي تي ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، وڏي وزير چيو ته پرائمري اسڪول 21 جون کان کوليا ويندا ۽ درگاهون اميوز مينٽ پارڪ ۽ انڊور جمز 28 جون کان کولينداسين، هوڏانهن سنڌ جي تعليمي ادارن ۾گرمي جي موڪلن بابت اسٽيئرنگ ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گرمين جو موڪلون نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. تعليم کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته گرمي پد جيڪڏهن گهڻو وڌيو ته پوءِ شاگردن کي گرمي جون موڪلون ڏئي سگهجن ٿيون.
195