اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نواز شريف کي جيل ۾ رکڻ نٿا چاهيون، پئسا واپس ڪري، پوءِ جتي مرضي هليو وڃي، اسڪردو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته احتساب جي عمل کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين، (ن) ليگ حڪومت گلگت بلتستان لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو، هن چيو ته روڊن جي خراب حالت اڳوڻي حڪومت جي نااهلي جو ثبوت ڏئي پئي،گلگت بلتستان ۾لوڪل گورنمينٽ جوڙڻ جي ضرورت آهي، اسان عوام دوست ۽ تاريخي بجيٽ پيش ڪئي،ترقي لاءِ سڀ کان وڏو حصو حڪومت ڏنو،گلگت کي عبوري آئيني صوبو بڻايون پيا، هن وڌيڪ چيو ته امن لاءِ سنجيده آهيون،ڀارتي وزيراعظم مودي جي ڪشمير پاليسي ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي جي مذمت ڪريون ٿا.
198