202

قومپرستن کي عوام چونڊن ۾ رد ڪري چڪو آهي،هي ڊگهي وقت کان بيروزگار هئا:مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته قومپرستن کي عوام چونڊن ۾رد ڪري چڪو آهي،هي ڊگهي وقت کان بيروزگار هئا، ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته قانون ۾رهي جيئن وڻي تيئن ڪريو،قانون هٿ ۾ کڻندئو ۽ ملڪ خلاف نعرا هڻندئو ته قانون حرڪت ۾ايندو، جڏهن ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن،پي ٽي آءِ، متحده ۽ سندن ساٿين کي ٻيٽن تي چائنا ڪٽنگ ڪرڻ نه ڏينداسين اسان ٻيٽن جي معاملي تي وفاق کان وڌيڪ اٽل آهيون،ڪنهن کي به ناجائزي ڪرڻ نه ڏينداسين،خاموش نه ويهبو، پي ايس ايل ۾شاندار ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي شاهنواز ڏاهاڻي مبارڪون ڏنيون، مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته شاهنواز ڏاهاڻي ثابت ڪيو ته جڏهن به موقعو مليو ته ڪارڪردگي ڏيکاريندو، هن سنڌ ۽ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو