ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي وزيرن سيد ناصر حسين شاهه ۽ ڄام اڪرام الله ڌاريجو سيمنس چورنگي ڪراچي سائيٽ ايريا ۾ 1037.79 ملين روپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ 17 روڊن جي پيڙھ جو پٿر رکي ڇڏيو. ان موقعي تي سائيٽ ايسو سي ايشن جو پيٽرن ان چيف زبير موتي والا ، پيپلز پارٽي ايم اين اي قادر خان مندوخيل،ايم پي اي لياقت آسڪاڻي، اڳوڻو ايم پي اي نديم ڀٽو، صدر ضلع جنوبي خليل هوت، ويسٽ ضلعي جو جنرل سيڪريٽري احمد علي جان، ايم ڊي سائيٽ، ايم ڊي ڪراچي واٽر بورڊ اسدالله خان ۽ ٻيا موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ بلديات کاتي وارو صوبائي سيد ناصر حسين شاهه چيو ته اڄ تمام اهم منصوبي جو سنگ بنياد رکيو ويو آهي ۽ صنعتڪارن ۽ پيپلز پارٽي جي مقامي اڳواڻن جو پراڻو مطالبو پورو ڪري ڇڏيو آھي. هن چيو ته صنعتن کي هٿي وٺرائڻ جي لاءِ انفرا اسٽرڪچر جي تعمير بنيادي اهميت جي رکي ٿي. وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه پڻ ان روڊ جو دورو ڪيوهو ۽ روڊ جي تعمير جو واعدو ڪيو هو. منصوبي ۾ 25 ڪلوميٽر روڊ تعمير ڪيا ويندا. جنهن تي پي سي ون موجب 1037.97 ملين روپين جي لاڳت جو تخمينو لڳايو ويو آهي. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته صنعتي علائقن جي سمورن مسئلن کي حل ڪيو ويندو. ھن منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان انفرااسٽرڪچر ۾ بهتري ايندي، جنهن سان معيشت مضبوط ٿيندي. هن چيو ته ڪراچي جي لاءِ هلندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ترقياتي منصوبن جي لاءِ 100 ارب رپيا رکيا ويا آهن،جڏهن ته عالمي بينڪ، ايشيائي ترقياتي بينڪ ۽ ٻين جي سهڪار سان شهر ۾ 900 ارب روپين جي منصوبي تي ڪم هلندڙ آهي. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ هن جي ڪابينه جا ميمبر ڏينهن رات ڪوشان آهن. جنهن تحت سموري صوبي ۾ ترقياتي منصوبن تي ڪم هلندڙ آهي. هن چيو ته صنعتي علائقن ۾ پاڻي جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ هن صنعتڪارن کي سب سوائل پاڻي جي لائسنس ڏيڻ جي پيشڪش ڪئي آھي، جيترا لائسنس گھربل آهن ،ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيون. صنعتون هلنديون ته روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته لسانيت جون ڳالهيون ڪندڙن کي ڪراچي جي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽي تي الزام هنيا ويندا آهن ، ته 13 سالن کان اسين ڪجهه ناهي ڪيو. هن چيو ته ان جو فيصلو عوام جي عدالت ۾ ٿيندو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي 2008 جي اليڪشن جي مقابلي سيٽون 2018 ۾ وڌيون آهن. پيپلز پارٽي ننڍين چونڊن ۾ ٻين جماعتن جي کٽيل سيٽن تي به سوڀ حاصل ڪئي آھي تقريب کي خطاب ڪندي صنعتن ، اينٽي ڪرپشن واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته ماضي ۾ ڪراچي تي حڪومت ڪندڙن هن شهر کي ڀتا خوري ، ٻوري بند لاشن، ڪلاشنڪوف ڪلچر ۽ تباهي کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو. جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي سميت پوري صوبي جي ترقي تي يقين رکي ٿي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي سموري صوبي ۾ صنعتي زون جي انفرااسٽرڪچر کي بهتر بڻايو پيو وڃي. سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ بورڊ ڪورنگي ۽ سينٽرل ضلعن ۾ ويسٽ مينجمينٽ جي آئوٽ سورسنگ جي عمل جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ، جڏهن ته ڪراچي ضلعي ڪائونسل جي حدن ۾ ايندڙ گلشن حديد، مراد ميمڻ ڳوٺ ۽ اسٽيل ٽائون ۾ ڊي ايم سي ملير جي موجوده ڪانٽريڪٽ تحت ويسٽ مينجمينٽ آپريشن کي توسيع ڏيڻ جي به منظوري ڏني آهي. انھن فيصلن جي منظوري مڪاني کاتي واري وزير ۽ چيئرمين سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ بورڊ سيد ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ بورڊ جي 15 هين اجلاس ۾ ڏني وئي آهي. مڪاني کاتي جي سيڪريٽري سيد نجم شاهه، خزاني کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري بلال احمد، مينيجنگ ڊائريڪٽر ايس ايس ڊبليو ايم بي زبير چنا، سيڪريٽري شهباز طاهر علي، چيئرمين انوائرنمينٽل انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ اين اي ڊي يونيورسٽي ڊاڪٽر عاطف مصطفيٰ، ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر آپريشنزI- طارق علي نظاماڻي، ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر آپريشن- II نثار اي سومرو، ايڊيشنل ڪمشنر ڪراچي اسد علي خان ۽ ٻين پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
187