اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چونڊ سڌارن جي معاملي تي آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب حڪومتي اليڪشن بل تي ڪل جماعتي ڪانفرنس گهرائي ويندي، آل پارٽيز ڪانفرنس جي تاريخ جو اعلان سڀني اپوزيشن جماعتن جي مشاورت سان ڪيو ويندو. اي پي سي ۾ سڀني اپوزيشن جماعتن، اليڪشن ڪميشن سميت لاڳاپيل ڌرين، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا کي به دعوت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته چونڊن جي نگراني ۽ ان جي عمل کي جاچيندڙ مختلف تنظيمن ۽ ادارن کي به دعوت ڏني ويندي.
204