166

سرڪاري آفيسرن جي ڊيپوٽيشن جو مدو 3 سال هوندو: لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شان گل سرڪاري آفيسرن جي ڊيپوٽيشن جو مدو ۽ ڊيپوٽيشن جي دوران ٽرانسفر بابت 16 صفحن تي لکت ۾فيصلو جاري ڪري ڇڏوي آهي، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري ملازمن جي ڊيپوٽيسن مدو 3 سال هوندو، لاڳاپيل اٿارٽي جڏهن چاهي آفيسرن کي سندن کاتي ۾واپس موڪلي سگهي ٿي، پنجاب سول سروس ايڪٽ 1974ع ۾ڊيپوٽيشن جو طريقيڪار واضح ناهي، سپريم ڪورٽ پنهنجن ڪيترن فيصلن ۾ڊيپوٽيشن جي تعريف ڪئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو