اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ميمبرن بلوچستان اسيمبلي ۾هنگامي جي شديد لفظن ۾مذمت ڪئي آهي. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت عوام ۾اعتماد وڃائي چڪي آهي، اپوزيشن کي اسيمبلي ۾ وڃڻ ئي نه ڏنو، هوڏانهن جي يو آءِ جي اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري چيو آهي ته قومي اسيمبلي ۾گار گند جا اثر بلوچستان تائين پهتا آهن، بڪتر بند گاڏي سان اسيمبلي جو گيٽ ٽوڙيو ويو، جنهن ۾ اپوزيشن ميمبر زخمي ٿي پيا، جڏهن ته عمران خان جي حڪومت حالتون بهتر بڻائڻ بدران خراب ڪري رهي آهي.
