ليکڪ: ماما منٺار دايو
ملڪ جي معيشت ھلائڻ ۾ وڏو حصو مزدور جو آھي، پر اسان جي ھن خداداد پاڪستان جي مزدور جو جيڪو حال آھي، ان تي ڪنھن پارٽي يا سياسي سماجي ڌرين ڪڏھن به ڪو اھڙو عملي قدم نه کنيو آھي، جنھن مان مزدور ۽ ان جي ڪٽنب کي ڪو مان ملي يا جياپي جي سگهه ملي، اسان جا سياسي، سماجي معتبر ترين ماڻهو جڏھن به جتي ڳالهائيندا آهن ته معاشري جي ھن اھم بنيادي حصو رکندڙ ماڻهن لاءِ اھڙيون تقريرون ڪندا يا اھڙا سبز باغ ڏيکاريندا ڄڻ ھنن کي مزدور طبقي جو وڏو درد آھي، محسوس ڪرائيندا ته بس ھنن کي جيڪڏھن موقعو مليو ته پوءِ مزدور طبقو خوشحال ٿي ويندو، پر بدقسمتيءَ سان پاڪستان جي ٺھڻ کان وٺي اڄ ڏينھن تائين رڳو سکڻيون ڳالھيون ئي ٿينديون رھيون آھن، اڄ به مزدور طبقو گهاڻي ۾ پيڙھجي پيو، اڄ به مزدور جا ٻچا بکن تي سمهن ٿا، اڄ به مزدور جا ٻچا اٽي، لَٽي ۽ اَجهي لاءِ تڙپن ٿا، اڄ به مزدور جو ڪٽنب علاج کان وانجهيل آھي، سراسري نظر وجهندا ته بدحالي آھي، عام دوست سمجهن ٿا ته رڳو ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ مزدور آھن، ائين بلڪل ناھي، ڪارخاني جي مزدور کي اَٽي ۾ لوڻ مطابق اجورو ملي ٿو، نالي ماتر علاج جي سھولت جو لاڳ به ھلي ٿو، پر ان کان سواءِ ھي جيڪي ٻيا مزدوري ڪن ٿا، انھن جو جيڪو حال آھي اھو ڪنھن ڏٺو آھي ته ھنن سان ڇا ويڌن آھي؟ عام مزدوري ڪندڙ جيڪي رازن سان يا ھوٽلن تي يا دُڪانن تي يا ننڍن شھرن ۾ ننڍن ڪارخانن يا ڊيلي ويجز تي زميندارن وٽ ڪم ڪندڙ به ته مزدور آھن يا سرڪاري ادارن ۾ يا پرائيوٽ ادارن ۾ ڊيلي ويجز تي ڪم ڪندڙ مزدورن سان جيڪا ويڌن آھي سا ڪنھن ڏٺي آھي؟ ڏکئي ۾ ڏکيو يا گندي ۾ گندو ڪم ڪرڻ لاءِ ڊيلي ويجز جو استعمال عام آھي، ڏھاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور به ته انسان آھي، ڪڏھن بيمار ٿي سگهي ٿو يا مرڻو پرڻو وغيرہ يا دنيا جون ھزارين مصروفيتون ٿي سگهن ٿيون، پر ڏھاڙي وارو مزدور جيڪڏھن نه پھتو يا رھجي ويو ته پوءِ ان جي لاءِ سواءِ بُک ۽ بدحاليءَ کانسواءِ ٻيو مڙئي خير! يا بيمار ٿي پيو، يا سندس ڪٽنب مان ڪو بيمار ٿي پيو، ته ڪيڏانھن وڃي؟ اھڙي طرح جيڪي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ مزدور جڏھن رٽائرڊ ٿين ٿا ته انھن کي ھن ملڪ ۾ ڪھڙي مڃتا ٿي ملي؟ ڪھڙا ايوارڊ ٿا ملن؟ اڄ ڏينھن تائين ڪنھن مزدور کي ڪو به قومي ايوارڊ نه ڏنو ويو آھي جڏھن ته زندگيءَ جي ٻين سڀني شعبن ۾ ڪم ڪندڙ ڌرين کي قومي ايوارڊ جو حقدار سمجهيو وڃي ٿو، پر ملڪ جو ڦيٿو ھلائڻ وارو مزدور اڄ تائين اھڙي عزت جو حقدار ئي ڪو نه سمجهيو ويو آھي، ٻيو ته ٺھيو ھنن کي اولڊ ايج بينيفٽس ڏنو ٿو وڃي، سو به ھنن جي زخمن تي لوڻ وجهڻ جي لاءِ ڪافي آھي، سرڪاري نوڪري ڪندڙ ڀلي سئيپر ھجي پر ان کي پينشن سندس پگهار مطابق ڏني وڃي ٿي پر مزدور جنھن رات ڏينھن محنت ڪري ھن ملڪ جي خدمت ڪئي ان کي ڇا ٿو ملي؟ جڏھن رٽائرڊ ٿو ٿئي يا 60 سالن جي عمر ۾ پھچي ٿو ته ان وقت کيس 8500 رپيا ماھوار ملن ٿا، آھي ڪو ھن ملڪ ۾ سوچڻ سمجهڻ وارو ماڻھو ؟ اسان جي ھن ملڪ ۾ جيڪي اسيمبلين ۾ ويٺا آھن، انھن کي ڪھڙي خبر ته مزدوري ڇا آھي؟ اڄ به مزدور پريشان حال آھي، ٻيو ته ٺھيو جڏھن پاڪستان ۾ عمر 60 سالن کان وڌي ٿي ته پوءِ گهڻو ڪري بيمارين ۾ ماڻھو وٺجي ٿو وڃي، عمر وڌڻ سان گڏ ڪانه ڪا بيماري ضرور ٿئي، ان بيماري جي حالت ۾ رٽائرڊ مزدور جو ڪھڙو حال ٿو ٿئي؟ اھا ھن معاشري جي ٺيڪيدارن کي ڪھڙي خبر؟ جڏھن عمر وڌي ٿي ته ان جون ڪافي پريشانيون وڌن ٿيون، جيڪڏھن اولاد صالح آھي يا سمجهو آھي ته پوءِ ان ماڻھوءَ جو وقت سٺو ٿو گذري پر جيڪڏھن اولاد خود پريشان حال آھي ته پوءِ اھڙي حالت ۾ وڏي عمر واري ماڻھوءَ جي زندگي ڏاڍي ڏُکي ٿي گذري، عمر سان گڏوگڏ ھن جون عادتون به تبديل ٿيو وڃن، سڄي عمر پنھنجي خودداريءَ سان گذارڻ وارو مزدور ڏاڍو ڏکيو ٿيو وڃي، ٻيو ته اسان جي معاشري ۾ جيڪي تبديليون آيون آھن، انهن تبديلين وڏي عمر وارن سڀني ماڻھن لاءِ وڏيون ڏکايون پيدا ڪري ڇڏيون آھن، ھن وقت معاشري ۾ رھندڙ نئون نسل اھڙي رستي تي پيو ھلي جيڪو تمام ڏکيو ۽ اڻانگو آھي، ھر گهر ۾ ڪو نه ڪو مسئلو ضرور آھي، اڳ گڏيل ڪٽنب ھوندو ھو ته تمام گهٽ تڪليفون ھيون، پر جيئن پوءِ تيئن معاشري مان گڏيل ڪٽنب وارو عمل ختم ٿيندو وڃي، ھرڪو پنھنجي ڏيڊ فٽ جي ديوار ٺاھي ٿو، انھن حالتن ۾ گهر ننڍڙا ۽ سوڙھا ٿي ويا آھن، ان سان گڏ دليون به سوڙھيون ٿي چڪيون آھن، برداشت ڪرڻ وارو مادو ختم ٿيندو وڃي، جيڪڏھن گهر ۾ ڪو وڏو آھي ته اھو باربڻجي وڃي ٿو، ڪير پاڻ سان گڏ رکڻ لاءِ تيار ناھي، احساس معاشري مان ختم ٿيندو وڃي انھن حالتن ۾ مزدور جنھن سڄي عمر ھن ملڪ جي لاءِ وقف ڪئي ان کي رڳو 8500 رُپين تي گهر موڪلڻ وارن کان ھڪ سوال ته ٺھي ٿو ته سڄو مھينو گذرڻ کانپوءِ ساڍا اَٺ ھزار رُپين مان توھان گذارو ڪري ڏيکاريو؟ ان کان سواءِ سرڪاري ادارن ۾ رکيل ڊيلي ويجز ملازمن کي 15 ھزار ڏيڻا آھن پر ڏنا ڏهه کان ٻارھن ھزار رُپيا ٿا وڃن، آخر ھي مسڪين مزدور ڪنھن کي دانھن ڏين؟ ڪنھن جي نالي چون ته ھن اسان جا پئسا ڪٽيا؟ ٻئي ڏينھن ان کي ڊيوٽيءَ تي اچڻ ئي ڪونه ڏنو ويندو بيروزگاري ھن جو مقدر بڻجي ويندي،انھن حالتن ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ جنھن سان مزدور جون مشڪلاتون گهٽجن ۽ رھيل زندگي سڪون سان گذري.