ترجمو ۽ ترتيب: نظير احمد بهشتي
سيد ابراهيم 14 ڊسمبر 1960ع ۾ مشهد مقدس جي محلي نوغان ۾ پيدا ٿيا، سندس والدين حسيني سادات منجهان آهن جن جو سلسلو حضرت زيد بن علي بن حسين عليهم السلام سان ملي ٿو، پنجن سالن جي ڄمار ۾ سندن والد جي وفات ٿي ۽ پاڻ يتيم بڻجي ويا، شروعاتي تعليم جواديه اسڪول ۾ حاصل ڪيائون ۽ ديني تعليم لاءِ مدرسه نواب ۾ داخلا ورتائون ۽ بعد ۾ مدرسه آيت الله موسوي نجاد ۾ داخلا ورتائون، 1975 ع ۾ اعليٰ ديني تعليم لاءِ قم جو رخ ڪيائون ۽ آيت الله بروجردي جي مدرسي (مدرسه خان) ۾ داخلا ورتائون ۽ بعد ۾ آيت الله پسنديده جي مدرسي ۾ داخلا ورتائون جيڪو آيت الله خميني جي نگراني ۾ هلي رهيو هئو، حوزه علميه قم ۾ آيت الله مروي وٽ اصول فقه، آيت الله فاضل هرندي وٽ لمعتين ۽ آيت الله موسوي تهراني وٽ رسائل پڙهيائون، آيت الله دوزدوزاني وٽ مڪاسب محرمه، آيت الله خزعلي وٽ مڪاسب بيع، آيت الله ستوده ۽ آيت الله طاهري خرم آبادي وٽ مڪاسب خيارات، آيت الله سيد علي محقق داماد وٽ ڪفايه، آيت الله مشڪيني ۽ آيت الله خزعلي وٽ تفسير قرآن، آيت الله احمد بهشتي وٽ شرح منظومه ۽ فلسفو، آيت الله مطهري وٽ شناخت جو دورو ۽ آيت الله نوري همداني وٽ نهج البلاغه پڙهيائون، اصول جو درس خارج آيت الله سيد محمد حسن مرعشي شوشتري ۽ آيت الله هاشمي شاهرودي وٽ، فقه جو درس خارج آيت الله آقا مجتبى تهراني ۽ آيت الله سيد علي خامنه اي وٽ پڙهيائون، حوزوي دروس ۾ سطحيات ختم ڪرڻ کان سواءِ حقوق خصوصي private laws ۾ ايم ڦل ڪيائون، جنهن ۾ سندن ٿيسز جو عنوان inheritance without heirs ارث بلا وارث هئو، ۽ مدرسه عالي شهيد مطهري مان فقه ۽ حقوق خصوصي private laws ۾ پي ايڇ ڊي ڪيائون،فقه ۽ حقوق ۾ پنهنجي تحقيقات مڪمل ڪرڻ کانپوءِ حوزه علميه جي عالي سطح چار جي به ڊگري حاصل ڪيائون، تعارض اصل ۽ ظاهر در فقه ۽ حقوق conflict of principles and appearances in jurisprudence and law جي موضوع تي علمي رسالو ۽ ٿيسز لکي پي ايڇ ڊي مڪمل ڪيائون، اسلامي انقلاب جي ڪاميابي کان پوءِ شهيد بهشتي اسلامي نظام کي هلائڻ لاءِ گهربل ماڻهن جي تربيت جو جيڪو پروگرام شروع ڪيو ان ۾ شرڪت ڪيائين، جڏهن مارڪس ازم جا فتنا شروع ٿيا ته ثقافتي طور انهن سان مقابلي لاءِ طالب علمن جي هڪ ٽولي سان گڏجي سرگرمي انجام ڏنائون، بعد ۾ شاهرود ۾ سياسي ۽ عقيدتي مرڪز قائم ڪيائون ۽ ان جي مديريت ڪيائون، 23 سالن جي ڄمار ۾ امام علي رضا عليه السلام جي حرم جي متولي ۽ خادم آيت الله سيد احمد علم الهدى جي نياڻي ڊاڪٽر جميل السادات علم الهديٰ سان شادي ڪيائون جيڪا شهيد بهشتي يونيورسٽي تهران ۾ فلسفه علوم تربيت جي استاد، پژوهشگاه علوم انساني جي اڳوڻي سربراه ۽ شوريٰ عالي انقلاب فرهنگي جي تربيتي ڪميشن جي اڳوڻي سربراه آهي، اولاد ۾ کين ٻه نياڻيون آهن، پنهنجي ۽ پنهنجي گهروارن جي تعليم تي تمام گهڻو ڌيان ڏنائون سندن وڏي نياڻي شادي شده ۽ تعليمي اعتبار سان ڊبل ايم ڦل آهي، هڪ الزهراءَ يونيورسٽي مان سماجي اڀياس ۾ ۽ ٻئي علوم حديث يونيورسٽي شهر ري مان قرآن ۽ حديث جي شعبي ۾، سندن ٻي نياڻي شريف يونيورسٽي تهران مان فزڪس ۾ گريجوئيشن ڪري رهي آهي، ابراهيم رئيسي 1980ع کان عدليه واري شعبي ۾ پير پاتو ۽ ڪرج شهر کان وڪالت جو آغاز ڪيو، اڃا ڪجهھ مهينا ئي نه گذريا هئا جو پوري انقلاب جي پراسيڪيوٽر آيت الله قدوسي جي حڪم سان ڪرج شهر جا پراسيڪيوٽر بڻيا، سال 1985 ع کان جج جا فرائض سنڀاليائون ۽ تهران جي جج انقلاب جا نائب بڻيا، ٽي سال گذرڻ کان پوءِ سال 1988 ع ۾ امام خميني جا مورد نظر بڻيا، ۽ ڪجهھ ڊويزنن جيئن لرستان، ڪرمانشاهه، سمنان ۾ سنئون سڌو ماڻهن جي عدليه سان مربوط مشڪلات جي حل جو کيس عهدو ڏنو ويو، ان کان پوءِ به امام خميني فيصلو ٻڌائڻ لاءِ ڪجهھ خاص فائيل سندس حوالي ڪيا، امام خميني جي رحلت کان پوءِ آيت الله خامنه جي رهبري شروع ٿيندي ئي ان وقت جي چيف جسٽس آيت الله يزدي جي حڪم سان تهران عدليه جا سربراهه ٿيا ۽ پنج سال اهو عهدو سنڀاليو، ان کان پوءِ پوري ملڪ جي انويسٽيگيشن جي اداري جا سربراهه ٿيا. ۽ سال 2004 ع تائين ان عهدي تي رهيا، 2004ع کان 2014 ع تائين چيف جسٽس جا معاون رهيا ۽ 2014 ع کان 2016 ع تائين پوري ملڪ جا پراسيڪيوٽر رهيا، ۽ اهڙي ريت 2012 ع کان وٺي هن مهل تائين آيت الله خامنه اي جي حڪم سان عالمن لاءِ خاص عدالتن جا پراسيڪيوٽر رهيا آهن، ۽ 2015 ع ۾ آيت الله واعظ طبسي جي وفات کان پوءِ ٽن سالن تائين امام علي رضا عليه اسلام جي حرم جا متولي رهيا آهن، هاڻوڪن ڏينهن ۾ هفتي ۾ ٽي ڏينهن ڇنڇر، اڱاري ۽ اربع تي مدرسه علميه نواب ۾ فقه جو درس خارج پڙهائيندا آهن، ان کان سواءِ تهران جي ديني مدرسن ۽ ملڪ جي ٻين يونيورسٽين ۾ سطوح عالي جي فقهي متون، فقه قضاءَ جا قاعدا، فقه اقتصاد جا قاعدا پڻ پڙهائي رهيا آهن، انقلاب اسلامي جي ڪاميابي کان پوءِ حڪومت ۽ نظام تشڪيل ڏيڻ جي گهڻي ۽ گهري معلومات رکندڙ آيت الله بهشتي اهو ارادو ڪيو ته نظام ۽ حڪومت جي بنيادي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ قم جي 70 طالب علمن جي تربيت ڪري، جن کي بعد ۾ ملڪ جا مختلف اهم عهدا سونپيا وڃن، انهن چونڊيل شاگردن مان هڪ سيد ابراهيم رئيسي هئو، مدرسه عالي شهيد مطهري ۾ ٿيندڙ ان شارٽ ڪورس ۾ آيت الله بهشتي، آيت الله خامنه اي ۽ ٻيا جيئن مرحوم شهيد حسن آيت ۽ آيت الله موسوي اردبيلي هفتيوار درس ڏيندا هئا سيد ابراهيم رئيسي گڏوگڏ ملڪ جي ڪيترين ئي يونيورسٽين جهڙوڪ امام صادق يونيورسٽي، شهيد بهشتي يونيورسٽي ۾ ايم ڦل ۽ پي ايڇ ڊي جي شاگردن کي فقه قضا ۽ فقه اقتصاد جا ڪلاس پڙهائيندا هئا، حوزه علميه قم مان فقه ۽ اصول ۾ سطح 4، خاص بين الاقوامي قانونن ۾ ماسٽر، شهيد بهشتي يونيورسٽي مان فقه ۽ حقوق شعبي ۾ پي ايڇ ڊي، سطح عالي جي فقهي ڪتابن جي تدريس، حوزه علميه تهران ۽ يونيورسٽين ۾ فقه قضاءَ ۽ فقه اقتصاد پڙهائڻ آيت الله رئيسي جي علمي ڪارنامن مان آهن، پاڻ 25 فيبروري 2019 عيسوي تي رهبر معظم جي حڪم سان ايران جا چيف جسٽس مقرر ٿيا ۽ هاڻوڪي اليڪشن ۾ صدارتي عهدي تي بيٺا ۽ شاندار ڪاميابي ماڻيائون، اميد آهي ته الله سائين ان ڀلاري سيد جي سربراهي ۾ انقلاب اسلامي کي اڳ کان وڌ مضبوطي عطا فرمائي.