ليکڪ: نصير احمد چنا
درگاهه عاليه لواري شريف ننڍي کنڊ جي هڪ مشهور ۽ معروف درگاهه آهي، هي نقشبندي سلسلئه طريقت جي تمام وڏي درگاهه آهي، جنهن جي فيض جو چشمو ته سنڌ مان ڦٽو، پر ان جي روشني هن علائقي جون حدون ٽپي وڃي عربستان، يورپ ۽ آفريڪا تائين ڪروڙين دلين کي منور ڪيو، هن وقت درگاهه جي مسند ارشاد تي حضرت پير محمد صادق قريشي نقشبندي مدظلهٰ العالي جن فائز آهن، جن جو وجود مسعود لکين بلڪه ڪروڙين انسانن جي عقيدت ۽ محبت جو مرڪز آهي،سندن ولادت باسعادت 20 جون 1979ع مطابق 24 رجب المرجب 1399 هجري تي ٿي ۽ حضرت پير بادشاهه ڪريم پير گل حسن شاهه قدس سرهه جن سندن نالو ”پير محمد صادق “ رکڻ فرمايو، ان وقت سندن والد حضرت قبلا راحمي بادشاهه پير حاجي فيض محمد قريشي نقشبندي قدس سره جن درگاهه حضرت قاضي احمد قريشي قدس سرهه جا جليل القدر سجادهه نشين هئا، حضرت پير محمد صادق قريشي نقشبندي جن جو خاندان قريش قبيلي جي شاخ بنو هاشم منجهان آهي، تحقيق ٿيل شجره نسب مطابق سندن وڏن جو سلسلو حضرت عبدالمطلب جن سان ملي ٿو، انسان ذات جي هدايت ۽ رهنمائي هن خاندان جو ورثو آهي، سندن سلسلئه نسب ۾ مخدوم شيخ سندو رح (مزار ضلعو دادو) ۽ حضرت قاضي احمد قريشي قدس سرهه (مزارضلعو نوابشاهه) اهي بابرڪت هستيون آهن جن کان سنڌ جو هر واسي واقف آهي، حضرت پير محمد صادق قريشي جن جو ننڍپڻ اباڻي شهر قاضي احمد ۾ گذريو، ابتدائي ديني ۽ طريقتي تعليم پنهنجي والد سڳوري حضرت راحمي بادشاهه قدس سرهه جن کان ملي، دنياوي تعليم پهرين قاضي احمد ۽ پوءِ اسلام آباد مان حاصل ڪيائون، اڃان حصول تعليم مان فراغت ئي نه ٿي هين جو حضرت راحمي بادشاهه قدس سرهه جن وصال الاهي فرمائي ويا، پاڻ 40 ورهيه کن درگاهه حضرت قاضي احمد قدس سرهه جا سجادهه نشين رهيا، پر ان اسان گڏ 1982ع کان وٺي پنهنجي مرشد ۽ درگاهه عاليه لواري شريف جي ستين سجادهه نشين حضرت پير بادشاهه خواجه گل حسن صديقي قريشي نقشبندي قدس سرهه جن جي وصيعت جي تعميل ۾ درگاهه عاليه لواري شريف جا سجادهه نشين به رهيا، پاڻ وفات کان اڳ ئي حضرت پير محمد صادق قريشي جن کي پنهنجو جاءِ نشين يعني درگاهه عاليه لواري شريف ۽ درگاهه حضرت قاضي احمد قدس سرهه جو ايندڙ سجادهه نشين مقرر فرمائي چڪا هئا، پاڻ 16 سالن جي عمر ۾ 1995ع ۾ درگاهه لواري شريف ۽ درگاهه قاضي احمد قدس سرهه جا سجادهه نشين ٿيا ۽ ان وقت کان وٺي پاڻ اهي ديني ۽ طريقتي ذميواريون سر انجام ڏيندا اچن ٿا ۽ جماعت لواري شريف جي سربراهي ڪندا پيا اچن، باوجود نوجوان عمر جي پاڻ جماعت لواري شريف جي روحاني تربيت، توڙي ملڪ جي وڏن وڏن اڪابرن، سياستدانن ۽ عالمن مان رک رکاءُ ۾ ڪٿي به ڪا ڪمي محسوس ڪرڻ نه ڏنائون، وڏا توڙي ننڍا اڄ به سندس حاضري ۾ اها ئي روحاني ڪيفيت محسوس ڪندا آهن، جيڪا کين حضرت پير بادشاهه قدس سرهه ۽ حضرت راحمي بادشاهه قدس سرهه جن جي مجلس ۾ محسوس ٿيندي هئي، پاڻ شروع کان وٺي جماعت جي ترقي جا خواهان رهيا آهن، سندن دور ۾ جماعت لواري شريف جي دنياوي ترقي به مثالي آهي، سندن ڏنل سماجي اصلاحات تحت جماعت اندر ڪيتريون ئي اڍنگيون رسمون ختم ٿي چڪيون آهن يا ختم ٿي رهيون آهن، سندن جماعت کي سخت تاڪيد آهي ته پاڻ ۾ تعليم عام ڪن، اجائي ڏيک جهڙوڪ شادين مرادين تي وڏو خرچ ڪرڻ، اجاين وهمن ۽ وسوسن ۾ نه پوڻ، پاڻ ۾ بغض، ڪينو ۽ حسد جهڙين بيمارين کان پاسو ڪن. سندن فرمان آهي ته هر وقت ۽ هر حال ۾ الله تبارڪ و تعاليٰ کي اسان جي پياري نبي ڪريم حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم ۽ مرشد ڪريم سائين سلطان الاولياءَ قدس سرهه ۽ سندن جاءِ نشينن جي فرمان پاڪن موجب ياد رکڻو آهي ۽ ان ئي ذات پاڪ جو ذڪر ڪرڻو آهي ۽ ان سان گڏ دنياوي ترقي لاءِ به جدوجهد ڪرڻ لازمي آهي ته جيئن دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلي سگهجي، اڄ جماعت لواري شريف انهن سونهري اصولن تي عمل ڪندي اڳتي وڌي رهي آهي، سندن فلاحي ڪمن جو دائرو به تمام وسيع آهي، پاڻ جماعت لواري شريف جي ڪيترين ئي تنظيمن جي سرپرستي فرمائي رهيا آهن، جهڙوڪ حضرت سلطان الاولياءَ فائونڊيشن، پير گل حسن شاهه ٽرسٽ، نشات ويلفيئر آرگنائيزيشن وغيرهه، جن جي واکاڻ نه رڳو ملڪي پر بين الاقوامي سطح تي به ٿي آهي، هنن ادارن طرفان مختلف وقتن ۾ طبي ڪئمپون، ٻوڏ ۽ هنگامي صورتحال ۾ رليف ڪئمپون ۽ غريب ماڻهن لاءِ گهرن جي تعمير، شاگردن لاءِ اسڪالرشپون وغيره مهيا ڪيون ويون آهن، سندن دوستي ۽ تعلقات جو حلقو تمام وسيع آهي، سندن محفل هر وقت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل معززين توڙي ملڪي اڪابرن سان ڀريل رهندي آهي ۽ اهي سڀ سندن دانائي ۽ دور انديشي جا قائل ته آهن پر ساڳئي ئي وقت سندن مثالي مهمانداري جا به متعرف رهندا آهن، حضرت پير محمد صادق قريشي جن جو وجود مسعود هن دور ۾ انسانن لاءِ وڏي سعادت آهي، سندن تعليمات، سندن فلاحي ڪم، جيڪي جماعت لواري شريف جي مختلف تنظيمن جي پليٽ فارمن تان ڪيا وڃن ٿا، انهن سڀني جو مقصد هڪ ئي آهي، يعني انسان ذات جي ڀلائي. naseerchanna2010@gmail.com