ليکڪ: ايم شريف چانڊيو
ڪجهه ماڻهن جو وجود ٻين ماڻهن لاءِ ٿڌي ڇانو وانگر هوندو آهي، ۽ انهن جو سماجي ڪردار ايترو ته وڏو هوندو آهي جو ان کي بيان ڪرڻ آسان ناهي هوندو، بظاهر ته اهي اسان جا پيارا هوندا آهن پر جڏهن انهن لاءِ ڪجهه لفظ لکڻ ويهندا آهيون ته قلم ساٿ ناهي ڏيندو، ۽ ماڻهو سوچيندو آهي ته ان جي ڪهڙي رخ تي لکجي؟، اسان جي نوان جتوئي جو هڪ ڪردار مشهور استاد ۽ تعليمدان سائين الهڏنو خاصخيلي به اهڙن ماڻهن مان هڪ آهي، هو تازو 82 سالن جي عمر ۾ 14 مئي 2021ع تي ڪراچي جي هڪ پرائويٽ اسپتال ۾ اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو آهي، سائين الهڏني خاصخيلي 1940ع ۾ نوان جتوئي ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ محمد بچل خاصخيلي ۾ جنم ورتو، هو انتهائي محنتي، ايماندار ۽ خدا ترس انسان هجڻ سان گڏوگڏ علائقي جو سماجي اڳواڻ ۽ خدائي خدمتگار پڻ هو، هن شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ڀرسان گورنمينٽ پرائمري اسڪول وارهه وارا ٻرڙا مان حاصل ڪئي، ان کانپوءِ نوابشاهه ۾ ڪاميٽي جو امتحان پاس ڪيو، جنهن کانپوءِ پي ٽي سي، بي اي، بي ايڊ ۽ ايم اي سنڌي ۾ ڪيائين، جنهن بعد هن پرائمري استاد جي حيثيت سان نوابشاهه جي ڳوٺ امير بخش گبول مان پنهنجي استاد واري ڪيريئر جي شروعات ڪئي، هن 17 سال هڪ ئي ڳوٺ ۾ انتهائي مخلصي سان ڊيوٽي سرانجام ڏني ۽ سندس ان ڳوٺ جا ڪيترائي شاگرد وڏن عهدن تي پهچي ويا. سائين الهڏني جي شاگردن جو وڏو انگ هن وقت سعودي عرب ۽ جدي ۾ به موجود آهي، اڳتي هلي هن کي ترقي ملي ۽ پاڻ گورنمينٽ هاءِ اسڪول غلام محمد پنهور جي اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ٿيو، جتي پڻ هن ايمانداري سان پنهنجي ڊيوٽي ادا ڪئي، هو شاگردن کي هر وقت تعليم ڏيڻ لاءِ حاضر هوندو هو ۽ پنهنجي ڪيريئر دوران هن ڪڏهن به اسڪول مان نه گسايو، ماضي جي استادن جي شاندار ڪارڪردگي، سچائي ۽ خلوص ئي هو جو سنڌ ۾ تعليم جو ريشو ٻين سڀني صوبن کان وڌيڪ هو ۽ هتي جي استادن جي محنت جي ڪري ئي سنڌ جا شاگرد پوري پاڪستان مان سڀ کان وڌيڪ هوشيار ۽ ٽئيلنٽيڊ ليکبا هئا. سائين الهڏنو خاصخيلي ڪيترن ئي ٻولين تي عبور رکندو هو، جنهن ۾ سنڌي، فارسي، لغتي ۽ لاطيني ٻوليون اهم آهن، هو روايتي سنڌين وانگر سخي، نيڪ مرد ۽ مهمان نواز هو، هن وٽ ڪو مهمان يا مسافر ته پري پر فقير به اوطاق تي آيو ته ان سان ياز نوڙت سان پيش ايندو هو، عزت ڏئي احوال وٺندو هو ۽ ڪڏهن به ان کي کاڌي پيتي کانسواءِ رخصت نه ڪيائين، هو پنهنجي وت ۽ وس آهر غريب ۽ مسڪينن جي مدد پڻ ڪندو هو. هو صوم ۽ صلوات جو پابند ۽ انتهائي اصول پرست ماڻهو هو، هن ڪڏهن به ڏاڍي آڏو جهڪڻ قبول نه ڪيو، پنهنجي ڊيوٽي دوران ڪيترن ئي آفيسرن کيس جهڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن ڪڏهن به ڪنهن جي آڻ نه مڃي ۽ سچار ايترو هو جو پنهنجي بالا آفيسرن کي به انهن جي ڪوتاهين بابت منهن تي سچ چئي ڇڏيندو هو، ڪڏهن به ڊڄندو نه هو، هو چوندو هو ته ”جڏهن اسان پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري سان ڪريون ٿا ته پوءِ ڊڄون ڇا جي لاءِ؟“. سائين الهڏنو خاصخيلي ڪيترن ئي غريب شاگردن جون فيون پنهنجي کيسي مان ڀريندو هو، هن گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏيپارجا مان رٽائرمينٽ ورتي، سندس پٽ سڪندر علي ٻڌايو ته سندن والد گهروارن جي لاءِ سدائين شفيق رهيو ۽ هن دنيوي تعليم سان گڏ کين ديني تعليم به ڏني، اهو ئي سبب آهي جو سائين هي دنيا ڇڏي حقيقي جهان جو راهي ٿيو ته نه صرف سندس ڳوٺ تر پر سڄي سنڌ ۾ سندس دوستن ۽ چاهيندڙن جون اکيون آليون ٿي ويون ۽ اهي سندس آخري سفر ۾ اچي شريڪ ٿيا، سائين جي شخصيت نه رڳو پنهنجي ڪٽنب پر علائقي واسين لاءِ به ٿڌي گهڙي وانگر هئي، اڄ جڏهن هو اسان جي وچ ۾ ناهي ته شاهه سائين جو هي شعر بي اختيار زبان تي تري اچي ٿو ته،
اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،
آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.