120

پارلياماني اتحاد ۽ تحريڪن جون تياريون…!

ليکڪ: علي محمد ميمڻ

ملڪ ۾ آئين ۽ پارلياماني جمهوري سرشتي کي لاڳو خطرن جي حوالي سان تمام گهڻيون اڻ وڻندڙ خبرون ۽ بدخبريون عام ٿي رهيون آهن. اطلاع آهن ته، پي ٽي آءِ ۽ سندس اتحادين جي هلندڙ حڪومت، ٽي سال گذرڻ بعد پنهنجي خراب ڪارڪردگي ڪري هاڻي وڌيڪ وکون کڻڻ کان جواب ڏيڻ لڳي آهي ۽ جيئن جيئن حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ جو وقت ويجهو اچي رهيو آهي، تيئن ئي حڪومت کي  عوام ۾پنهنجي غير مقبول ٿي وڃڻ وارا صدما ۽ پريشانيون گهيرو ڪري رهيون آهن، ملڪ ۾سينيٽ جي ٿيل چونڊن ۽ ان بعد ننڍين چونڊن ۾ حڪومتي اميدوارن جي وڏي پيماني تي شڪست سان حڪومت کي عوام جي غيض ۽ غضب جو اندازو ٿي وڃڻ بعد عام چونڊن ۾سرڪاري ڌر کي لاحق امڪاني خوفناڪ نتيجن وارا ڊپ روح ۾ گهر ڪري ويا آهن، اهڙي صورتحال ۾ حڪمران جماعت طرفان هر صورت ۾هڪ ڀيرو وري چونڊون چورائڻ ۽ نتيجا تبديل ڪرڻ وارا معاملا ڪنڌ کڻي رهيا آهن حڪومت پاران مڪاني ۽ عام چونڊن جا نتيجا پنهنجي هٿ وس ڪرڻ ۽ عوام بدران  مشينن جي ووٽن سان ڪاميابيون حاصل ڪري وري حڪومت هٿ ڪرڻ وارا هاڃيڪار ڪم تيزي سان ڪيا پيا وڃن جنهن تي قومي اسيمبلي ۾حڪومت طرفان اليڪشن ڪميشن جي اختيارن کي گهٽائڻ واري منظور ڪيل تڪراري بل تي سموري ملڪ ۾ وڏو گوڙ مچي ويو آهي، اهڙي ريت ملڪ ۾ هاڻي پارليمان وارو ايوان  ۽ مخالف ڌر جي جماعتن وارو پارلياماني اتحاد عوام جي اميدن جو مرڪز بنجي ويو آهي، حڪومت جي تڪراري قدمن خلاف مخالف ڌر جي جماعتن طرفان تڪراري بلن وارا معاملا قومي اسيمبلي ۾ اٿارڻ بعد هاڻي سينيٽ آف پاڪستان ۾ پڻ اهي معاملا بحث هيٺ آندا ويا آهن، جڏهن ته ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن پڻ قومي اسيمبلي ۾ آندل تازي اليڪشن بلز تي پنهنجي سخت ڳڻتي جو اظهارڪيو آهي ۽ ان بل کي آئين جي خلاف ۽ اليڪشن ڪميشن جي اختيارن ۾ گهٽتائي ڪرڻ وارو غير آئيني عمل ڪرڻ وارو اظهار پڻ ڪيو ويو آهي، ان کان سواءِ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ميان شهباز شريف طرفان حڪومت جي زوري منظور قرار ڏنل اليڪشن واري بل بابت چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي خط لکيو ويو آهي خط ۾ لکيو ويو آهي ته ايندڙ عام چونڊن جي آزاداڻي، غير جانبداراڻي، شفاف ۽ ڪنهن مداخلت کان سواءِ شروعات جي لاءِ سڌارا ضروري آهن موجوده حڪومت پنهنجي چونڊ سڌارن واري هڪ طرفي ايجنڊا مڙهي ايندڙ چونڊن کي تڪراري بڻائي رهي آهي تنهن ڪري 2018ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي شڪايتن جي ڪري چونڊ سڌارن تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي شهباز شريف جو چوڻ هو ته حڪومت جا چونڊ سڌارا آئين سان ٽڪراءَ ۾ آهن، حڪومت لاڳاپيل ڌرين سان ڪا به صلاح ناهي ڪئي، خط ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي ذميواري ٿي بڻجي ته اها چونڊ سڌارن تي سمورين سياسي پارٽين سان مشورو ڪري، آئون توهان تي زور ڏيان ٿو ته مخالف ڌر جي سمورين پارٽين کي مشاورت لاءِ گهرايو جيئن اتفاق راءِ تي ٻڌل پلان بڻجي سگهي، هوڏانهن قومي اسيمبلي ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي جماعتن ۾ وڌيل تڪرار ۽ ڇڪتاڻ جو تدارڪ ڪرڻ لاءِ اسپيڪر طرفان منظور ڪيل تڪراري بلن جو وري جائزو وٺڻ ۽ ان کي اتفاق راءِ ذريعي درست ڪرڻ جي ڪيل واعدن بعد معاملي ڪنهن حد تائين بهتري واري پاسي وڃڻ شروع ڪيو هو پر ان جي ابتڙ وفاقي وزيرن طرفان ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ تڪراري بل واپس نه ڪرڻ واري اعلان بعد هاڻي اهو معاملو سينيٽ ۾مخالف ڌر جي اڳواڻ يوسف رضا گيلاني ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو طرفان اهو اعلان ڪيو ويو آهي ته حڪومت جي هر غير آئيني بل ۽ قدم کي ملڪ جي سمورين عدالتن ۽ فورمز تي للڪاريو ويندو پر حڪومت کي ڏاڍائي ڪرڻ ۽ عوام جي ووٽن تي حڪومت کي ڌاڙا هڻڻ نه ڏنا ويندا، بلاول ڀٽو اين ايف سي بنا وفاقي حڪومت جي پيش ڪيل بجيٽ ۽ بجيٽ سيشن ٻنهي کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري جو قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چوڻ هو ته هي بجيٽ ۽ قومي اسيمبلي جو بجيٽ سيشن ٻئي غير قانوني آهن، اڄ تائين نئون اين ايف سي ايوارڊ ناهي ڏنو ويو، جيستائين اين ايف سي ايوارڊ نه ڏنا ويندا تيستائين هر بجيٽ غير آئيني هوندي، سندس چوڻ هو ته جڏهن به اسين 18هين ترميم ۽ اين ايف سي جي ڳالهه ٿا ڪيون  ٿا ته اسان کي سنڌ ڪارڊ جو طعنو ٻڌڻو پوي ٿو، جيڪڏهن اين ايف سي ايوارڊ نه هوندو ته هر صوبي جو نقصان ٿيندو، اِهو ڏيڻ توهان جو آئيني فرض آهي، توهان نه رڳو پنهنجي آئيني فرضن تي پورا نه لٿا آهيو پر اين ايف سي ايوارڊ ۾هر سال واڌ ڪرڻ واري آئيني گهرج پڻ پوري نه ٿي ڪئي وڃي. بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته سنڌ جو وڏو وزير جيڪڏهن سنڌ جي ڳالهه نه ڪندو ته ڇا جرمني ۽ جپان جي مسئلن جي ڳالهه ڪندو سنڌ جو پاڻي چوري ڪيو ويندو آهي ۽ جڏهن وڏو وزير پاڻي چوري جي ڳالهه ڪندو آهي ته وفاق ناهي ٻڌندو، بلوچستان ۾ سوئي جي عوام لاءِ گيس نه هجي ۽ گهوٽڪي مان نڪرندڙ گئس مان اتي جي ماڻهن کي محروم رکيو وڃي پر اها سموري ملڪ لاءِ هجي ته اِهو تضاد آهي سڀ کان پهرين گيس انهن جو حق آهي جتان اها نڪري پئيان کان سواءِ قومي اسيمبلي جي گرفتار ميمبرن خورشيد شاهه، خواجا آصف ۽ علي وزير کي نه پيو آندو وڃي، هنن جي علائقي جو عوام بجيٽ ۾ حصو نه پيو وٺي انهن جي نمائندگي شامل ناهي انهن جا پراڊڪشن آرڊر جاري نه ڪرڻ ۽ انهن کي نه گهرائڻ ۽ بجيٽ تي ووٽ جي حق کان محروم رکڻ پڻ غير آئيني عمل آهي، ان طرح بجيٽ منظور ٿي نه ٿي سگهي، سرهائي واري ڳالهه آهي ته مخالف ڌر جي جماعتن جا اسيمبلين جا ميمبر ۽ سنڌ اسيمبلي جا ميمبر پڻ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ واري قاصائي گهر  واري اڏي تي پنهنجا ڪنڌ ڪپائڻ ۽ اسيمبلين تان استعيفائون ڏيڻ واري آپگهات کان محفوظ رهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، سنڌ اسيمبلي جو پڻ مولانا جي هٿان ذبح ٿيڻ کان بچڻ ڪا عام ڪاميابي نه آهي پر ان آپگهات کان انڪار ۽ بغاوت ڪرڻ وارن جي همت وارا فيصلا هن وقت ملڪ ۽ قوم لاءِ تمام گهڻا مبارڪ قدم بڻجي اڀريا آهن ۽ ملڪ جي سمورن معاملن جو مرڪز هاڻي پارليامينٽ ۽ پارليماني ايوان بنجي ويا آهن، پي ڊي ايم هاڻي ملڪ جي سياست ۽ منظر عام تان غائب ٿي چڪي آهي، ملڪ جي عوام جي اميدن جو مرڪز هاڻي پارليمان آهي جنهن ۾ مخالف ڌر جي پارليماني جماعتن ۾ آزاداڻو ۽ مانائتو اتحاد قائم آهي ۽ ان ريت  ايوانن ۾ ملڪ جي سياست، قانونسازي ۽ ڪاروهنوار بابت ڪارگر ڪم ٿي رهيا آهن، ممڪن آهي ته ٽائيگر خان جي حڪومت جي انڌير نگري خلاف پارليمان کان ٻاهر به سموري ملڪ ۾احتجاجي تحريڪون ۽ جلسا ۽ جلوس شروع ٿي وڃن جنهن کي ملڪ ۾ ٻن سالن بعد ٿيندڙ عام چونڊن لاءِ هن وقت کان ئي تيارين ۽ عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ پڻ چئي سگهبو، ان نئين قسم جي تحريڪي حڪمت عملي ۽ پارلياماني اتحاد ۾شايد پي ڊي ايم  وارو مولانا، وڏو شينهن ۽ ٻيا ڪاغذي عهديدار، خليفا ۽ مريد  نظر نه اچن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو