183

غير قانوني اثاثن واري ڪيس ۾ خواجه آصف جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي (اڄ) ٿيندي

لاهور (ويب ڊيسڪ) غير قانوني اثاثن جي الزام ۾ گرفتار مسلم ليگ (ن) اڳواڻ خواجه آصف جي ضمانت واري درخواست تي (اڄ) ٻڌڻي ٿيندي. جسٽس عاليه نيلم جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي. عدالت ضمانت جي درخواست تي نيب عملدارن کي رڪارڊ سميت طلب ڪيو آهي. خواجه آصف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي الزام ۾ پنهنجي ضمانت لاءِ عدالت سان رجوع ڪيو آهي. واضح رهي ته خواجه آصف جوڊيشل رمانڊ تي جيل ۾ آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو