106

چلي فارم جو پائلٽ پراجيڪٽ مڪمل ڪيو ويو آهي: عاصم سليم باجوه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيئرمين سي پيڪ اٿارٽي ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته 100 ايڪڙ تي چلي فارم جو پائلٽ پراجيڪٽ مڪمل ڪيو ويو آهي، ايندڙ مرحلي ۾ چلي فارم جي ايراضي 3 هزار ايڪڙ تائين پهچي ويندي. پنهنجي هڪ ٽويٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مصالحن لاءِ شراڪتداري جوڙي وئي. چيني شراڪتدارن ۾ سميڪ ۽ سياچن لٽانگ فوڊ گروپ شامل آهن. هن چيو ته پوکيءَ جي علائقي، ٻج جي معيار، ليبر جي هنر لاءِ تربيت جاري آهي، پراسيسنگ ۽ روانگي واپار جي مرحلن لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو