128

پاڪ چين دوستي تحت سائنوويڪ جون وڌيڪ 1.5 ملين خوراڪون اسلام آباد پهچي ويون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪ چين دوستي تحت سائنو ويڪ جون وڌيڪ 1.5 ملين خوراڪون اسلام آباد ايئر پورٽ تي خاص اڏام ذريعي پهچي ويون آهن. سائنو ويڪ جي اها کيپ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ويڪسين جي حوالي سان طئي ٿيل معاهدي تحت آندي وئي آهي. پاڪستان ۽ چين جي دوستي تحت چين پاڪستان کي بنا ڪنهن دير جي ويڪسين فراهم ڪرڻ کي يقيني بنائڻ لاءِ معاهدو ڪيو هو جنهن جي تسلسل ۾ سائنو ويڪ جون اهي خوراڪون پاڪستان کي مهيا ڪيون ويون. ايندڙ هفتي وڌيڪ چائنيز ويڪسينز جون 2 کان 3 ملين خوراڪون پاڪستان پهچي وينديون. ان سلسلي ۾ پاڪستان حڪومت ان ويڪسينز کي ٻين صوبن تائين پهچائڻ جا قدم مڪمل ڪري ورتا آهن ته جيئن ڪنهن به صوبي ۾ ويڪسين جي کوٽ پيدا نه ٿئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو