183

آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثرن جو انگ 3 ڪروڙ 44 لک کان وڌي ويو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثرن جو انگ 3 ڪروڙ 44 لک کان وڌي ويو آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ وائرس سبب هيل تائين 6 لک 17 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. آچر ڏينهن آمريڪي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ 34401712 تائين پهچي ويو آهي. آمريڪي صحت کاتي جي عملدارن مطابق ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي فعال مريضن جو انگ 50897886 آهي جڏهن ته وائرس سبب هيل تائين 617083 مريض فوت ٿيا آهن ۽ 28694843 مريض صحتياب ٿيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو