135

ڀارت: ڪورونا وائرس جا 58 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس ظاهر، 1576 ڄڻا فوت

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جي 58 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيسن کانپوءِ ملڪ ۾ متاثرن جو انگ 2 ڪروڙ 98 لک 81 هزار کان وڌي ويو آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب 3 لک 86 هزار کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون آهن. آچر ڏينهن ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق ڀارت ڪورونا وائرس جي مريضن جي لحاظ کان دنيا جو ٻيون نمبر ملڪ بڻجي ويو آهي. ملڪ جي مختلف رياستن ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثرن جو مجموعي انگ 29881965 آهي جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 58419 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. عملدارن جو چوڻ آهي ته ان دوران ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 1576 مريض فوت ٿيا آهن. ڀارتي صحت واري وزارت جي انگن اکرن مطابق سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي فعال ڪيسن جو انگ 729216 آهي. سرڪاري انگن اکرن مطابق ڀارت ۾ مجموعي طور تي ڪورونا وائرس سبب متاثر 286766009 مريض صحتياب ٿيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو