اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي پاڻي تحفظ جي پاليسين جا بهترين ثمر سامهون اچي رهيا آهن. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي قيادت ۾ پنجاب حڪومت جي قدمن کي ساراهيو جن جي ڪري لاهور ۾ زمين هيٺ پاڻي جي سطح گهٽ ٿيڻ جو عمل 1980ع کانپوءِ هاڻي رڪجي ويو آهي. وزيراعظم چيو ته اهو ان لاءِ ممڪن ٿيو جو پنجاب حڪومت پاڻي جي ري سائيڪلنگ جي پاليسي ايڪو فرچارجرز، زمين هيٺ پاڻي جا ذخيرا، ٽائيميڊ ويل پمپنگ ۽ ٻيا ٽارگيٽيڊ قدم کنيا آهن. وزيراعظم عمران خان لاهور ۾ پاڻي جي سطح گهٽ ٿيڻ جي حوالي سان چارٽ پڻ شيئر ڪيو آهي جنهن موجب لاهور ۾ 2020ع ۾ زمين هيٺ پاڻي جي سطح گهٽ ٿيڻ جي شرح ۾ 1980ع کانپوءِ پهريون ڀيرو اضافو ناهي ٿيو، ان کان اڳ هر سال اها شرح ترتيبوار وڌندي رهي ۽ ان طرف ڪو ڌيان نه ڏنو ويو.
