200

سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ڪراچي جو دورو مڪمل ڪري اسلام آباد پهچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي هڪ ڏينهن جو ڪراچي جو دورو مڪمل ڪري اسلام آباد پهچي ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ڪراچي جي دوري دوران نجي اسپتال جو دورو ڪيو. هن سينيٽر عثمان ڪاڪڙ جي عيادت ڪئي ۽ سندس علاج جي لاءِ هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي. سينيٽر عثمان ڪاڪڙ کي گذريل ڏينهن ڪوئيٽا کان ايئر ايمبولينس ذريعي ڪراچي منتقل ڪيو ويو هو، سينيٽ چيئرمين دوري دوران چيف ڪمشنر شاهد بلوچ سان سندس والد جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي، هو ڪمشنر انڪم ٽيڪس حمل دشتي بلوچ جي رهائشگاهه تي به ويو ۽ سندس والد جي لاڏاڻي تي فاتحه خواني ڪئي، دوري دوران سينيٽر ڪهده بابر پڻ سينيٽ چيئرمين سان گڏ هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو