لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي شهر جي غريب آباد پاڙي جي رهواسي ۽ سعودي عرب ۾ پورهيو ڪندڙ نوجوان عمران سولنگي پنهنجي گهر واري کي ويم جي لاءِ شهر جي گهنٽي ڦاٽڪ واري علائقي ۾ قائم خانگي ميڊيڪل سينٽر ۾ داخل ڪرايو جتي ويم جي آپريشن دوران عورت هڪ ئي وقت چئن ٻارڙن کي جنم ڏنو جن ۾ 2 ڌيئر ۽ 2 پٽ شامل آهن جڏهن ته آپريش ڪندڙ ليڊي ڊاڪٽر پاران وارثن کي اهڙو اطلاع ڏنو ويو جنهن تي ٻارن جي پيءُ عمران سولنگي ۽ سندس ٻين گهر ڀاتين ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي جن طرفان خانگي ميڊيڪل سينٽر ۾ مٺايون پڻ ورهايون. هوڏانهن چئني ٻارن کي شيخ زيد چلڊرين اسپتال ۾ قائم چائلڊ لائيف ڪيئر سينٽر منتقل ڪيو ويو جتي سندن جا مٽ مائٽ توڙي توڙي پاڙي واسي ٻارن کي ڏسڻ لاءِ پهتا جن وارثن کي مبارڪون پڻ ڏنيون. چائلڊ لائيف ڪيئر سينٽر جي ڊاڪٽرن موجب ٻارن کي علاج لاءِ سينٽر آندو ويو جن جي صحت بهتر آهي پر ان جي باوجود کين وڌيڪ طبي امداد جي ضرورت آهي تنهن ڪري وارثن کين سينٽر ۾ داخل ڪرايو آهي. ان موقعي تي نوجوان عمران سولنگي صحافين کي ٻڌايو ته ٻارن جي پيدائش تي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي ڇاڪاڻ منهنجي پهرين اولاد ۾ ٻه پٽ ۽ ٻه ڌيئرون آهن.
226