184

سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس متاثرين جو انگ 17 ڪروڙ 89 لک تائين پهچي ويو، 38 لک 76 فوتگيون

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثرين جو انگ 17 ڪروڙ 89 لک تائين پهچي ويو جڏهن ان موذي وائرس سبب هيل تائين 38 لک 76 هزار کان وڌيڪ فوت ٿي چڪا آهن.آچر تي آمريڪي سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڪورونا وائرس جي متاثرن جو انگ 178990344 آهي، ڪورونا وائرس جي مريضن جي اعتبار سان آمريڪا سڄي دنيا ۾ پهرين، ڀارت ٻئي ۽ برازيل ٽئين نمبر تي آهي جڏهن ته فوتگين جي انگن اکرن ۾ آمريڪا پهرين، برازيل ٻئي ۽ ڀارت ٽئين نمبر تي آهي. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڪورونا وائرس سبب هاڻي تائين 3876269 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. سڄي دنيا ۾ ڪووڊ – 19 جي فعال متاثرن جو انگ 11598469 آهي. آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس جي وبا سبب متاثر ماڻهن جو انگ 3 ڪروڙ 44 لک کان وڌيڪ آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ وائرس سبب فوتين جو انگ 6 لک 17 هزار کان وڌي ويو آهي. آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس مريضن جو مجموعي انگ 34401712 تائين پهچي ويو آهي. آمريڪا ۾ هيل تائين 31 ڪروڙ 60 لک کان وڌيڪ ماڻهن ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي ويڪسين لڳرائي آهي. ٻئي طرف لاطيني آمريڪي ملڪ برازيل ڪورونا وائرس سبب فوتگين جو انگ 5 لک کان وڌي ويو آهي. برازيل ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثرن جو انگ هڪ ڪروڙ 78 لک 83 هزار کان وڌي ويو آهي. ٻئي طرف ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جا 58 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ ملڪ ۾ متاثرين جو انگ 2 ڪروڙ 98 لک 81 کان وڌي ويو آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ وائرس سبب هيل تائين 3 لک 86 هزار کان وڌيڪ فوت ٿي چڪا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو