ڪابل (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسامه بن لادن بابت عمران خان جي بيان کي غلط پيش ڪيو ويو، افغانستان جي سمورن ڌڙن سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا،امن ترجيح آهي،افغان نيوز چينل کي انٽرويو ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته افغان-طالبان جي ڳالهين وارو وفد امن عمل ۾سهولتڪاري لاءِ پاڪستان ايندو آهي،اسان به گڏجي ڪم ڪريون پيا، هن چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته اسان جو ڌيان رڳو هڪ مخصوص ئي ڌري تي آهي،پاڪستان سڀني سان دوستي چاهي ٿو، هن چيو ته امن عمل ۾سهولتڪاري چاهيون ٿا،اسان رڳو مدد ڪرڻ ۽ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، افغانستان ۾ڪيترائي ماڻهو پاڪستان کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، اسان رڳو اتي جي عوام سان دوستي چاهيون ٿا. هوڏانهن پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ترڪي جي شهر انطاليا ۾ ترڪ هم منصب مولود چاوش اوغلو سان ملاقات ڪئي، ان دوران ٻن طرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ تعاون، اهم علائقي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
211