لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته اٽي ۽ کنڊ اسڪينڊل ۾ وفاق پرستن کيسا ڀريا،ويڪسين تي به پئسا ٺاهيا پيا وڃن، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته ڪورونا ويڪسين جي کوٽ حڪومتي نااهلي جو چٽو ثبوت آهي، عوام جي زندگين سان نه کيڏيو وڃي،هن چيو ته ويڪسين جو تڪڙو بندوبست ڪيو وڃي، خيراتي ويڪسين جي ننڍي سوچ تبديل ٿيڻ گهرجي،22 ڪروڙ عوام لاءِ سوچيو، حڪومت ڪجهه لک ويڪسين گهرائي آهي،خيراتي ويڪسين مان ڪم هلايو پيو وڃي،خريد نٿي ڪئي وڃي، هن وڌيڪ چيو ته عوام جي زندگين کي نظر ۾ رکندي ڪورونا ويڪسين جي منصوبابندي ڪئي وڃي،ماڻهو گهڻو پريشان آهن.
![](https://dailysobh.com/wp-content/uploads/2021/06/shabaz-700x320.jpg)