ڄامشورو (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ ۽ آبپاشي کاتي سنڌ جي صوبائي سهيل انور سيال المنظر جي ڪوٽڙي بئراج جي ڊائون اسٽريم سنڌو درياءِ جي پيٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ارسا سنڌ جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي. اسان جي ڪنهن صوبي سان جنگ ناهي پر ارسا سان جنگ ضرور آهي. ارسا وارا اچي ڏسن ته سنڌو درياءِ ۾ واريءِ اڏامي رهي آهي ، هتي هن موسم ۾ ڪڏھن هتي پاڻي هوندو هو پر اڄ ٿر جا منظر نظر اچي رهيا آھن، هتي ڪوٽڙي بئراج وٽ ڊائون اسٽريم ۾ سيمينار جو مقصد آبپاشي کاتي جي سينيئر علمدارن کي هتي آندو آھي ته جيئن اهي سنڌ سان ٿيندڙ ظلم ڏسي سگهن ۽ ميڊيا ڊائون اسٽريم جا منظر ڏيکاري ته جيئن دنيا ارسا جي زيادتي ڏسي سگهي ان کان وڌيڪ ته اڄ جو سمينار ارسا خلاف احتجاج آھي ته ارسا سنڌ سان ڪهڙو ظلم پئي ڪري. هن چيو ته وفاق ۾ ويٺل سنڌي آفيسر سنڌ کي بچائين. هن چيو ته چشما ۽ لنڪ ڪئنال اڄ به پاڻي سان ٽمٽار آهن. هتي اوهان ڏسو پيا ته سنڌو درياهه ۾ پاڻي بدران مٽي آھي، هي وفاقي حڪومت جي يزيديت جو مثال آھي، هن چيو ته سنڌ بنجر بڻجي چڪي آهي. ڊائون اسٽريم کي پاڻي نه ڏنو ويو ته زمينون بنجر بڻجي وينديون .هن چيو ته سنڌ ۾ ٻن قسمن جا سيلاب ايندا آھن هڪڙو تڏھن جڏھن پاڻي وڌندو آھي ٻيو سمنڊ جو سيلاب ايندو آھي جنهن ۾ زرعي زمينون تباھ ٿينديون آھن. هن چيو ته اڄ جيڪڏھن ارڙهين ترميم نه هجي ها ته سنڌ جي حالت ان کان وڌيڪ خراب هجي ها. اين ايف سي مان حصي جي رقم نه ملي رهي آهي. هن چيو ته ٿر ۾ بجلي هجڻ باوجود ٿر ڪراچي حيدرآباد ۾ لوڊشيڊگ جو آزار آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ هي منهوس حڪومت سنڌ کي اڃ ماري رهي آهي. هن چيو ته اڄ ڪوٽڙي بئراج ۾ ويٺا آهيون. جتي رڳو رڃ ئي رڃ آهي.سنڌ جي حصي جي ڳالهه ڪريون ٿا. چونڊن ۾ پي ٽي آءِ ٻئي پارٽي ۾ رهيا آهيو. هن وقت چانور نه پوکي سگهيا آهيون. هن چيو ته اڄ مهانگائي عروج تي آهي. جڏهن ته کيسو خالي بجيٽ جعلي آهي. هن بدين جي آبادگارن طرفان سيڊا کي ختم ڪرڻ واري سوال تي هن چيو ته بدين ۾ سيڊا بهترين ڪم ڪيو آهي. واٽر پڪا ڪرايا آهن. هن چيو ته سيڊا کي ختم ڪرڻ واري مطالبي جي مون کي خبر ناهي ٻيو ته اسان سيڊا ڇو ختم ڪنداسين. ان تي اعتراض نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته ان معاملي تي ايم ڊي سيڊا ايريگيشن کي لکون ٿا. هن چيو ته اسان وٽ آفيسرن جي وڏي کوٽ آهي. پاڻي چوري جو الزام لڳن ٿا، پاڻي جي کوٽ مٿان کان آهي پاڻي چوري خلاف آپريشن هلي پيو. گولاڙچي ۾ گڏجاڻي ڪئي. زمينن ۾ پاڻي ناهي. بئراجن تي گڏجاڻيون ڪيون پيا،ڪئنالن تي هلنداسين ۽ جاچينداسين ته پاڻي ڪاٿي چوري ٿي رهيو آهي. ان موقعي تي پ پ جا اڳواڻ ۽ صوبائي وزير پڻ موجود هئا.
189