217

حڪومت کي برقرار رهڻ جو ڪو جواز ناهي رهيو: مولانا فضل الرحمان

پشاور/سکر(ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته حڪومت کي برقرار رهڻ جو ڪو جواز ناهي رهيو، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته نااهل ماڻهن کي اقتدار تي ويهاري پارليامينٽ جي توهين ڪئي پئي وڃي، ڇڪتاڻ وارو سلسلو بلوچستان تائين پهچي چڪو آهي،ان کي روڪڻو پوندو، هوڏانهن 4 جولاءِ تي سوات ۽ 29 جولاءِ تي ڪراچي ۾وڏو جلسو ڪنداسين. پي ڊي ايم پنهنجي موقف تي اڄ به قائم آهي. هن چيو ته بجيٽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي، مهانگائي جو پهاڙ ڪرڻ وارو آهي. هوڏانهن پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته موجوده نااهل سليڪٽيڊ حڪومت وٽ نه ته ملڪ کي ڏيڻ لاءِ ڪجهه آهي ۽ نه ئي پاڪستان جي غريب عوام کي ڏيڻ لاءِ ڪجهه بچو آهي ڪشڪول ڀڃڻ وارا اڄ پاڻ ڪشڪول هٿن ۾ کنيو آهي وفاقي حڪومت جي ناقص بجيٽ ۾ پاڪستان جي غريب ۽ مظلوم عوام لاءِ ڪنهن قسم جو ريليف ناهي ڏنو ويو بجلي، گيس، پيٽروليم منصوعات جي قيمتن جيئن جو تيئن آهن ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان برپا ڪيو ويو آهي، نااهل حڪمرانن کي ملڪ جي غريب عوام جي ڪا به فڪر ناهي، امير امير کان امير ٿيندو پيو وڃي ۽ غريب غريب کان غريب ٿيندو پيو وڃي، نيازي حڪومت جيڪڏهن سمجهي ٿي ته هو پاڪستان جي عوام کي وڌيڪ بيوقوف بڻائي اقتدار جو وڌائي سگهي ٿي ته اها ان جي ڀُل آهي، هاڻي گهڻو ڪجهه ٿي چڪو آهي هاڻي نااهل حڪومت کي گهر وڃڻو پوندو، جيڪڏهن باعزت طريقي سان پاڻ نه وئي ته عوام ان کي گهر ڀيڙو ڪندي اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ جي يو آءِ سکر ضلعي جي سيڪريٽري جنرل مولانا محمد صالح انڍهڙ جي قيادت ۾ ملندڙ وفد سان ڳالهائڻ دوران ڪئي وفد ۾ سکر سٽي جو امير مفتي سعود افضل هاليجوي، حافظ عبدالحميد مهر، حافظ محمود ارشد هاليجوي ۽ ٻيا شامل هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو