ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾حددخلين خلاف آپريشن جي متاثرن سپريم ڪورٽ کي فيصلي تي نظرثاني جي درخواست ڪئي آهي. پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ جي فردوس شميم نقوي چيو ته فيصلي ۾ذميوارن جو ڪٿي به ذڪر ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته فياض الياس ڳالهائيندي چيو ته جڏهن عمارتون ٺهي وڃن ٿيون ته پوءِ ڪجهه عنصر جاڳي پون ٿا، متاثر جو چوڻ هو ته اجازت نامي باوجود عمارت ڪيئن غيرقانوني هوندي؟ حڪومت معاملن کي صحيح نموني حل ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.
135