212

وفاق ٻيهر آرٽيڪل 140جو مطالبو ڪري ڇڏيو،سنڌ ۾ايندڙ حڪومت پي ٽي آءِ جي هوندي:فواد چوڌري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پيپلزپارٽي آخري اليڪشن کٽي ورتي آهي، سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت پي ٽي آءِ جي هوندي رپورٽ مطابق سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري  هڪ ڀيرو ٻيهر مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ ۾ آرٽيڪل 140 اي لڳايو وڃي، پيپلزپارٽي آخري اليڪشن کٽي ورتي آهي، هاڻي سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت پي ٽي آءِ جي هوندي. ڪراچي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته مولانا فضل الرحمان جهڙا ماڻهو نظام کي ويرهائڻ چاهين ٿا،انهن تي ڀاري پارليامينٽ کي ڪمزور ڪندو ته جمهوريت ڪمزور ٿيندي، هن وڌيڪ چيو ته شهباز شريف جو پارٽي تي ڪنٽرول ناهي، فيصلا نواز شريف ۽ مريم نواز ڪن ٿا، اپوزيشن چونڊ سڌارن بابت پارليامينٽ ۾اچي تجويزون ڏئي،ان کانسواءِ ٻيو فورم ناهي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ايندڙ چونڊن ۾ پاڻ سنڌ ۾ چونڊ مهم جي قيادت ڪندو، ان کان اڳ ۾ ڪنهن ليڊر افغانستان بابت واضح پاليسي ناهي ڏني، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين هڪ هزار ارب رپيا موڪليا آهن،

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو