189

بيوقوفن کي اهو پتو ناهي ته هر سال فنڊن جي آڊٽ ٿيندي آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب وفاقي وزير فواد چوڌري جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته بيوقوفن کي اهو پتو ناهي ته هر سال فنڊن جي آڊٽ ٿيندي آهي، پئسا آئيني حق آهي احسان نٿا ڪريو، هن چيو ته وڏو وزير مراد علي شاهه سنڌ جو آواز اٿاري ٿو ته سٺو نٿو لڳي،اوهان کي عثمان بزدار جهڙا گونگا ماڻهو پسند آهن،خاموش رهڻ تي ڪي پي ڪي جو وڏو وزير وڻي ٿو، هن وڌيڪ چيو ته ملڪي معيشت ۾سنڌ 70 سيڪڙو ڏئي ٿي،وڏو وزير صوبي جا حق گهري پيو،اسان بلدياتي حڪومتن کي هلڻ ڏنو،پر عمران خان، عثمان بزدار ۽ محمود خان نظام ئي ختم ڪري ڇڏيو، هن چيو ته بيوقفون کي اهو علم ناهي ته هر سال آڊيٽر جنرل پاڪستان فنڊن جي آڊٽ ڪندو آهي، آڊيٽر جنرل پيپلزپارٽي يا صوبائي حڪومت جي ماتحت ناهي،

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو