اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزارت چيو آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام معطل ناهي ٿيو،ورلڊ بئنڪ به قرض ناهي روڪيو، آءِ ايم ايف جي مشن آگسٽ ۾دورو ڪندو،جنهن ۾سڄي سال جي معاشي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو، ناڻي واري وزارت موجب پاڪستان مارچ تائين آءِ ايم ايف پروگرام جا سمورا حدف حاصل ڪيا آهن،بهترين معاشي ڪارڪردگي جو پڻ مظاهرو ڪيو آهي، ورلڊ بئنڪ پاڪستان جو قرض ناهي روڪيو،هڪ ڏينهن اڳ قرض جي منظوري ڏني آهي،افواهن تي ڌيان نه ڏيو، ناڻي واري وزارت موجب مسلم ليگ (ن) جي ناڻي واري وزير ملڪي معيشت کي تباهه ڪيو،آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ جا ذميوار اهي آهن، بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي معيشت هاڻي بهتر ٿي رهي آهي، ايندڙ سالن ۾ ٻين ملڪن کان اڳتي نڪري وينداسين.
182