116

ڪورونا ويڪسين جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت…

ليکڪ: محمد اظهر رند

ڪورونا وبا جي شروعاتي ڏينهن ۾ ان کي روڪڻ لاءِ ڪيترن ئي احتياطيءَ اپائن تي عمل ڪيو ويو، جنهن ۾ ماسڪ پائڻ، 6 فٽن جو مفاصلو رکڻ، سينيٽائيز استعمال ڪرڻ، هٿ ملائڻ کان پاسو ڪرڻ وغيرهه جهڙيون تدبيرون استعمال ڪيون ويون، جيستائين ڪورونا وبا جي علاج جو مڪمل حل نڪري ايستائين پوريءَ دنيا جا ملڪ اهڙي طرح سان هن وچڙندڙ موذي مرض مان پاڻ کي بچائيندا رهيا آهن، هن وبا جي ڪري جتي معشيت کي ڪاپاري ڌڪ رسيو ۽ بيروزگاري جنم ورتو ۽ تعليم جو ڦيٿو جام ٿيو اتي وري ماحولياتي گدلاڻ ۾ گهٽتائي آئي آهي، جنهن سان ساهه جي بيمارين جو تناسب گهٽ ٿيو آهي، ڪورونا وبا جي علاج لاءِ ويڪسين ٺاهڻ سان ڪيتري حد تائين هن وبا کي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو، ان بابت به ڪيترائي افواهه گردش ڪري رهيا آهن ته ويڪسين لڳائڻ سان 2 سالن تائين انسان زندهه رهي سگهي ٿو، جنهن تي عالمي اداري سميت هتان جي سرڪار زور ڀريو آهي ته اهي ڪوڙيون خبرون آهن، انهن ۾ ڪابه صداقت ناهي، ڪورونا وبا جي ويڪسين هن موذي مرض جي علاج جو واحد حل آهي، ڏٺو وڃي ته دنيا ۾ ڪورونا کان اڳ ڪيتريون ئي بيماريون جنم وٺي چڪيون آهن، جن ۾ پوليو، ٽي بي، هيپاٽائيٽس، ارڙي، ماتا ۽ ٻيون شامل آهن، جيڪي ٻي دنيا مان ته ختم ٿي ويون پر پاڪستان ۾ اڃا به موجود آهن ۽ اهي بيماريون ڪورونا وبا کان به خطرناڪ آهن، انهن جو به علاج دريافت ٿيڻ کان اڳ هن به دنيا ۾ لکن جي تعداد ۾ انسان موت جو کاڄ بڻيا، جڏهن ته ارڙي ۽ ماتا جا به ٽڪا هوندو آهن، اهڙي طرح سان هي ڪورونا وبا جي خاتمي لاءِ ويڪسين تيار ڪئي وئي آهي، هن ويڪسين جي رقم 8449 روپيا  (54 ڊالر ) آهي، جيڪا سرڪار مفت ۾ لڳرائي رهي آهي، جنهن جو عمل پوري ملڪ ۾ هلندڙ آهي، هن وبا جي سارسنڀال ڪندڙ ادارو نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ( اين سي او سي) جي انگن اکرن مطابق هن مهينيءَ 17 جون تائين 31 لکن کان وڌيڪ ماڻهن کي ويڪسين جا ٻئي ڊوز، جڏهن ته 62 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي هڪ ويڪسين جو ڊوز لڳايو ويو آهي، هن ويڪسينيشن جي شروعاتي ڏينهن ۾ 40 سالن جي ڄمار وارا ماڻهو ويڪسين لڳرائين پيا ته ان وقت سينٽرن تي رش نالي ماتر هئي، جڏهن حڪومت 18 سالن جي عمر جي ماڻهن کي هن جو ڊوز لڳائڻ جو اعلان ڪيو ته موجوده وقت ۾ سينٽرن تي تمام گهڻي رش نظر اچي رهي آهي ۽ ڪيترن ئي سينٽرن تي هن وبا جو ڊوز ختم ٿيڻ ڪري ايندڙ ماڻهو مايوس ٿي واپس موٽڻ لڳا آهن، جنهن جو سرڪار کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته پهريون ۽ ٻيون ڊوز ٻئي لازمي آهن، جيڪڏهن هڪڙو لڳي ٻيو دير سان ته اثر گهٽ ٿي ويندو، جنهن تي سرڪار کي هن اهم مسئلي تي ترت اپاءُ وٺي کوٽ کي ختم ڪرڻ گهرجي ته جيئن هن ملڪ مان ڪورونا وبا جو خاتمو اچي سگهجي ۽ ملڪ جي معشيت جيڪا ٻاڙائيءَ ۾ آهي اتان نڪري ڪري خوشحالي طرف وڌي ۽ هن موذي مرض مان ڇوٽڪارو ملي سگهي، ڇاڪاڻ ته ويڪسين ئي ڪوورنا وبا جو واحد حل آهي، جيڪڏهن وقت سر ويڪسين جي کوٽ کي پورو نه ڪيو ويو ته ممڪن آهي ته ٻين بيمارين جيان هيءَ بيماري به اسان جي ملڪ مان ختم نه ٿي سگهي ۽ هتان جا ماڻهو هن ڪورونا وبا ۾ پنهنجون حياتيون وڃائيندا رهن، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي اهي ته ويڪسين جي کوٽ ختم ڪري سينٽرن تي ويڪسين مهيا ڪئي وڃي ته جيئن هتان جا شهري ڪورونا ويڪسين جا ٻئي ڊوز لڳرائي هن موذي مرض مان نجات حاصل ڪري سگهن ۽ پنهنجي زندگي معمول تي آڻي سگهن، ڇاڪاڻ ته ڪورونا وبا سبب اسان وٽ هر شعبو متاثر ٿيو آهي، جنهن ۾ تعليم جو شعبو سڀني کان گهڻو متاثر ٿيو آهي ۽ ڪورونا جي ڏيڍ سالن دوران تعليم نظام مڪمل ٺپ بڻيل آهي، ان ڪري هر شهري کي به گهرجي ته افواهن تي ڌيان ڏيڻ بدران ڪورونا ويڪسين کي ترجيح ڏين ته جيئن هو پاڻ ۽ پنهنجي عزيزن کي هن وبا کان محفوظ بڻائي سگهن، ڪٿي ائين نه ٿئي جو اسان جو لاپرواهي ڪنهن وڏي الميي کي جنم ڏئي ۽ پوليو وانگر هيءَ وبا به اسان وٽ گهر ڪري ويهي رهي آهي ۽ ائين اسان جي زندگي مشڪل بڻجي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو